ٿرڙي محبت /بخشاپور (نمائندن وٽان) ڳوٺ مسو خن جلباڻي ۾ محرم جي موڪل سبب اسپتالون بند هئڻ ڪري علاج نه ٿيڻ سبب ٻن سالن جي نينگري فوت ٿي وئي. جڏهن ته بخشاپور ۾ 3 سالن جو ٻارڙو پير ترڪڻ سبب واهه ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو. ٿرڙي محبت مان صدام چانڊيو موجب فوت ٿيل نينگري سونيا جي والد انورلاشاري ٻڌايو ته ٻارڙي کي تيزبخار سان گڏ گيسٽرو ٿيو.

جنهن کي ڳوٺ مسوخان جلباڻي ,نواب جو پٽ ,ٿرڙي محبت , سرڪاري اسپتال کڻي ويس پرڪابه اسپتال عاشورن جي موڪل سبب سرڪاري توڙي پرائيوٽ کليل نه هئي ۽ ٻارڙي فوت ٿي وئي. ***بخشاپور مان سھيل جان ڊومڪي موجب ڳوٺ بيربل ڀٽو ۾ گهر ٻاهران راند ڪندي پير ترڪڻ سبب 3 سالا عمران پٽ ارباب ڀٽو واهه ۾ ڪري پيو ٻين ٻارڙن جي رڙين تي گهر وارا پهچي ٻارڙي کي بيهوشي واري حالت ۾ ٻاهر ڪڍي بڊاڻي جي اسپتال آندو جتي ڊاڪٽر فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.










