اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف جي باني ميمبر فوزيا قصوري هڪ ڀيرو ٻيهر پارٽي فنڊنگ تي گفتگو ڪئي، جنهن دوران هن انڪشاف ڪيو ته عارف نقوي جو جهاز عمران خان لاءِ استعمال ٿيندو هو. نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي فوزيا قصوري چيو ته مان ڪڏهن به عمران خان جي عارف نقوي سان ٿيل ميٽنگ ۾ شريڪ نه ٿيس پر اسان کي خبر هئي ته عارف نقوي جو جهاز عمران خان لاءِ استعمال ٿيندو هو، عمران خان جون ان سان ميٽنگز به ٿيون. هن چيو ته عمران خان جا هر ملڪ مان ڪيترائي دوست هئا پر پرڏيهي کان پئسو جمع ڪرڻ ڪو غلط ڪم نه هو، مان ٻڌو هو عمران خان جي دبئي وڃڻ لاءِ عارف نقوي جو جهاز استعمال ٿيو، مان عارف نقوي کي ذاتي طور نٿي سڃاڻان پر ڪيترائي ماڻهو ڄاڻين ٿا ته هو جيڪو ڪم ڪري رهيو هو ته اهو هاءِ پروفائل ڪم هو، هو امپيڪٽ انويسٽمينٽ جي نالي سان ٻاهر جي ملڪن کان چندو گڏ ڪري رهيو هو، جنهن کي هو اهڙن ملڪن ۾ خرچ ڪري ها، جتي صحت جون ضرورت هئي پر ان بدران هن انهن پئسن سان پنهنجي ڪيترن ئي دوستن جي مدد ڪئي، انهن کي نوازيو، عاليشان سهولتون ڏنيون ۽ اها لڪل ڳالهه ناهي. سندس چوڻ هو ته پئسو ضرور ٻاهران آيو پر ڇا اها پابندي پيل فنڊنگ هئي؟ ڇا ٻاهران آيل پئسو صحيح ذريعن سان آيو؟ ان کي چيڪ ڪرڻ اسان جو ڪم نه هو، اهو ڪم انهن فنڊن کي گڏ ڪندڙن ۽ پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ فنانس بورڊ جو هو.










