طلاق جي شرح ۾ واڌ، روزانو 300 کان وڌيڪ ڪيس داخل ٿيڻ لڳا

طلاق جي شرح ۾ واڌ، روزانو 300 کان وڌيڪ ڪيس داخل ٿيڻ لڳا

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي راڄڌاني ۾ طلاق جي شرح ۾ خطرناڪ حد تائين واڌ جو انڪشاف ٿيو آهي.وڪيلن جو چوڻ آهي ته منشيات ۽ بيروزگاري جي ڪري طلاق ۽ خلع جو رجحان وڌي رهيو آهي، فيملي ڪورٽن ۾ ڪيسن جو انگ تيزي سان وڌي رهيو آهي.ذريعن موجب فيملي ڪورٽن ۾ روزانو 300 کان وڌيڪ ڪيس داخل ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن، جڏهن ته في ڪلاڪ ۾ سراسري طور تي خلع/غير نقي جا 38 ڪيس داخل ٿي رهيا آهن. هن سال خلع جي ڪيسن جو انگ 45 هزار کان وڌي ويو آهي، وفاقي راڄڌاني ۾ هر مهيني 9 هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس رجسٽر ٿي رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو