طعنو نه ڏيو، اڳوڻي آرمي چيف بابت به فيصلو اچڻ وارو آهي،کوسه

اسلام آباد (اياز مهر) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس آصف سعيد کوسه وزيراعظم عمران خان جي بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته طاقت ور هجڻ جو طعنو اسان کي نه ڏيو، جنهن ڪيس جو طعنو ٿا ڏيو ان ۾ ٻاهر وڃڻ جي اجازت وزيراعظم پاڻ ڏني آهي. اهڙو اظهار هن سپريم ڪورٽ م موبائل ايپ، ڪال سينٽر ۽ ريسرچ سينٽر جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندو ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم ٻه ڏينهن پهريان خوش آئند اعلان ڪيو هو ته هو انصاف جي شعبي ۾ تبديلي آڻڻ چاهي ٿو ۽ اهو به چيو هو ته هو وسيلا فراهم ڪندو ۽ ٻين شعبن مان به فنڊ انصاف جي فراهمي لاءِ مهيا ڪندو. مان سندس ان اعلان جي ڀليڪار ڪريان ٿو ڇو ته اڄ تائين جيڪو ڪجهه اسين ڪيو اهو محدود وسيلن ۾ رهي ڪيو. وزيراعظم طاقت ور ۽ ڪمزور لاءِ ڌار ڌار قانون هجن جي ڳالهه به ڪئي هئي، اهو معاملو ٻڌڻي هيٺ هو ان ڪري ڪجهه نه چيو هو پر هاڻي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته اسانجي عدليه ۾ سول جج کان سپريم ڪورٽ تائين 3100 مئجسٽريٽ  ۽ جج آهن جن گذريل سال 36 لک ڪيسن جا فيصلا ڪيا جن مان ٿي سگهي ٿو شايد ئي هڪ اڌ ڪيس طاقتورن جا هجن باقي اڪثريت عام ۽ ڪمزور طبقي جا هئا جن کي رليف مليو. هن چيو ته ميڊيا جي مهرباني سان جيڪڏهن ڪو طاقت ور سڏجي ٿو يا ان تي ميڊيا جو وڌيڪ ڌيان اچي ته ان جو اهو مطلب ناهي ته اوهان 36 لک ماڻهن کي وساري ڇڏيو.

فوٽو سپريم ڪورٽ

چيف جسٽس چيو ته انهن 36 لک ماڻهن جي وزيراعظم کي خبر ئي ناهي ته اهو چوڻ ته انصاف جي فراهمي ۾ عدم توازن آهي، ان تي اوهان ٻيهر غور ڪريو. هن چيو ته وزيراعظم ملڪ جو چونڊيل نمائندو آهي ۽ اسين سندس احترام ڪريون ٿا. وسيلن جي بنا جيترو اسين ڪجهه ڪيو آهي ان جي شايد خبر گهٽ ماڻهن کي هجي. سپريم ڪورٽ 25 سالن جو ڪرمنل ڪيسن جو بيڪ لاگ ختم ڪيو، 1994 کان التويٰ جو شڪار ڪيس نمٽايا هاڻي صرف چند ڪيس بچيا آهن. هن چيو ته اسين پارليمان کان قانون ۾ ترميم، يا بجٽ وڌائڻ جو چيو، اهو اسانجو جذبو آهي ته اسان ڪجهه ڪري ڏيکاريون. ججن تي تنقيد ڪندڙ ٿورو احتياط ڪن ڇو ته هي ڏينهن رات محنت ڪن ٿا، اسان کي طاقتور هجڻ جو طعنو نه ڏيو، اسان آڏو ڪو به طاقتور ناهي صرف قانون طاقت ور آهي. هن چيو ته ڪو به انسان ۽ اداري پرفيڪٽ ناهي پر جيڪو بهتر ڪم ڪري ٿو ته ان جي ساراهه ڪريو. هن چيو ته عدليه ۾ خاموش انقلاب اچي ويو آهي ته اسانجون ٽي بينچز ڪيسن ۾ التويٰ نه پر فيصلو ڏين ٿيون. وقت ۽ تجربن سان گڏ اسين به بدلجي رهيا آهيون. موجوده عدليه جو 2009 جي عدليه سان ڀيٽ نه ڪريو، عدليه هاڻي آزاد آهي اسانجي سامهون ڪو وڏو آهي نه ننڍو ۽ نه ڪو طاقتور آهي، اسان صرف قانون مطابق فيصلو ڪندا آهيون. هن چيو ته توهان کي ياد ناهي ته هڪ وزير اعظم کي سزا ڏني ۽ ٻئي کي نا اهل ڪيو. چيف جسٽس مڪو لهرائيندي چيو ته هڪ سابق آرمي چيف جي خلاف ڪيس جو فيصلو اچڻ وارو آهي، اسان جي سامهون قانون طاقتور آهي ڪو انسان نه. ياد رهي ته وزيراعظم عمران خان 2 ڏينهن اڳ هزارا موٽر وي جو افتتاح ڪندي چيف جسٽس آصف سعيد کوسه ۽ ايندڙ چيف جسٽس گلزار احمد کي نالا کڻي مخاطب ڪيو هو ته هو سندن وڏي عزت ڪري ٿو  کين چوان ٿو ته اسانجي ملڪ کي انصاف ڏئي آزاد ڪريو، اهو تاثر ختم ڪريو ته طاقتور ۽ ڪمزور لاءِ ڌار ڌار قانون آهي. اسانجي تاريخ رهي آهي ته طاقتور ٽيلي فون ڪري فيصلا  ڪرائيندا آهن ۽ بريف ڪيس کڻي هڪ چيف جسٽس کي برطرف ڪرايو ويو. هن ملڪ ۾ طاقتور کي قانون هٿ نٿو لائي سگهي. اهو تاثر جج ختم ڪن حڪومت ساڻن مڪمل سهڪار ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو