اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان طالبان پاران آزاد ڪيل آمريڪي ۽ آسٽريلوي پروفيسرن جي آزادي جي ڀليڪار ڪئي آهي. ٽوئٽر تي جاري ڪيل پيغام ۾ هن چيو ته آزادي لاءِ سرگرم سڀني ڌرين جي ڪوششن جي کي هو ساراهي ٿو. هن چيو ته عالمي برادري امن جي قيام ۽ افغان عوام جي مشڪلن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ جيڪي ڪوششون ٿي رهيون آهن، پاڪستان انهن جي حمايت ٿو ڪري. ان کان اڳ افغانستان جي ڏاکڻي صوبي زابل جي ضلعي نوبهار ۾ آزاد ڪيو ويو جتان کين آمريڪي هيليڪاپٽر ۾ محفوظ مقام تي پهچايو ويو. پروفيسر ڪيون ڪنگ ۽ پروفيسر ٽموٿي ويڪس ٻئي آمريڪي يونيورسٽي جا پروفيسر آهن. ٽموٿي آسٽريلوي شهري آهي پر ڪابل ۾ آمريڪي يونيورسٽي ۾ پڙهائيندا هئا ۽ طالبان کين پڪڙي ويا هئا. هنن جو ٻه ڀيرا ويڊيو به طالبان جاري ڪيون پهرين ويڊيو ۾ هو ڪمزور نظر اچي رهيا هئا پر ٻئي ويڊيو ۾ هو صحتمند لڳي رهيا هئا. طالبان کين 2016 ۾ اغوا ڪيو هو. سندن رهائي جي بدلي 3 افغان طالبان کي ڪابل حڪومت آزاد ڪري قطر پهچايو، جن ۾ حقاني نيٽ ورڪ جي سربراهه سراج الدين حقاني جو ننڍو ڀاءُ انس حقاني به شامل آهي. طالبان چيو ته جيسين هو دوحه نه پهچندا تيسين پروفيسر آزاد نه ٿيندا. افغانستان جي صدر اشرف غني چيو هو ته گرفتار طالبان اڳواڻن جي آزادي ڏکيو فيصلو آهي پر افغان عوام خاطر هو ڪري رهيو آهي.










