ضيا جي 11 ۽ پي پي جا 12 سالن ۾ سنڌ جي ڀينگ، ساجد خادم سهتو

ضيا جي 11 ۽ پي پي جا 12 سالن ۾ سنڌ جي ڀينگ، ساجد خادم سهتو

سنڌ جيڪو ماضي ۾ برصغير( ننڍي کنڊ) جو ھڪ شاھوڪار خطو ھو، جنھن جي ثقافت، تھذيب،  ٻولي، ريتون رسمون ۽ مھمانوازي ڏيهه توڙي پرڏيهه تائين مشھور ھئي. ھي سنڌ ڌرتي جيڪا صوفين، درويشن،بزرگن، شاعرن، محققن ۽ اديبن جي ڌرتي طور پڻ سڃاڻپ رکي ٿي ان ڌرتي کي ڪنھن جي بد نظر لڳي وئي آھي جو ان  ۾ خون ريزي، ڪارو ڪاري، اغوا، ڦر لٽ، معصوم ٻارڙن سان زيادتيون ڪرڻ وغيرہ عام، جام ٿي پيو آھي. ھر روز جون اخبارن  ڪارو ڪاري،  اغوا، جرڳن ۽ ٻين مسئلن سان ڀريون پيون آھن. سنڌ جا ننڍا توڙي وڏا شھر کنڊرات جو ڏيک پيا ڏين ۽ سنڌ جي اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين، اسپتالن ۽ ٻين کاتن ۾ پڻ تمام بريون حالتون لڳيون پيون آھن اسڪولن جون بلڊنگيون زبون حالتن مان گذري رھيون آھن. ڪٿي اسڪولن ۾ ٻارن جي ويھڻ لاء فرنيچر ۽ عمارت ناهي ته ڪٿي وري ٻارن کي پڙھائڻ لاء استاد ناھن. ساڳيو حال صحت جي شعبي جو آهي. ڪٿي اسپتالن ۾ ڊاڪٽر ناھن ته ڪٿي وري دوائون ۽ ليبارٽريون ناهن. هر پاسي ڪرپشن جو راڪاس آهي. پهرين ته ايمبولينس نه هوندي جيڪڏهن هوندي ته تيل نه هوندو ۽ غريب ماڻھو پنھنجن پيارن جا لاشا پنھنجن ڪلھن تي کڻڻ لاء مجبور آھن. سنڌ جون سرڪاري يونيورسٽيون مالي خساري ۽ اھليت تي پورو نه لھندڙ نااھل ۽ سياسي ماڻھن جي آشيرواد حاصل ڪندڙن  جي حوالي ڪيون پيون وڃن ۽ ٻين کاتن ۾ پڻ ساڳيو ئي حشر آھي جيڪڏھن آفيسن ۾ ڪنھن ڪم سانگي سان وڃ ته پوءِ به پنھنجي جائز ڪم ڪار لاءِ به پٽيوالي کان وٺي آفيسر طبقي تائين جي ملازمن جو کيسو گرم ڪرڻو پوي ٿو نه ته ٻي صورت ۾ ڌڪا ۽ ٿاٻا ئي سَھِڻا پون ٿا. مطلب ڏنو پٽ ڇٽي  وارو ڪم ضرور ڪرڻو پوندو. سونھاري سنڌ جا غريب بک وگھي پيا مرن ۽ ڀوتارن جا ڪتا به قرار ۾ آهن. سنڌ جو ماضي ڪيڏو نه شاھوڪار ھو. سنڌ جو ضلعو ٺٽو جيڪو ڪنھن دور ۾ تعليم جو مرڪز ھو، اڄ اتان جي زمين پاڻي جي کوٽ سبب آھستي آھستي سمنڊ پيو ڳڙڪائيندو وڃي ۽ ٺٽي جي زمينن تي ڌارين کي آباد ڪرڻ لاء رٿابنديون ڪيون پيون وڃن ۽ سنڌ جا اصلي وارث اٽي، لٽي ۽ اجھي لاء پيا واجھائن واھ ڙي وقت تنھنجا رنگ سنڌ ۽ سنڌين کي ڪيڏي نه آزمائش ۾ وڌو اٿئي آخر سنڌ جو ڏوھ ڪھڙو آھي.؟ ڇا سنڌ پناھگيرين کي پناھ ڏئي ڪو گناھ جو ڪم ڪيو آھي.؟ ڇا سنڌ کي پاڪستان جي آزادي ۾  ٻين صوبن کان اڳڀري ٿي ڪري ٺهراءُ منظور ڪري گناھ جو ڪم ڪيو.؟ يا وري قدرت جي طرفان سنڌ ۾ تيل، گيس ۽ ڪوئلو ملي ٿو تنھن ڪري انھن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي آخر سنڌ جو ڏوھ ڪھڙو آھي.؟ جيڪڏهن مظر وجهبي ته سنڌ جي ڀينگ ڪندڙ به ته اسين سنڌي پاڻ آهيون. ٻين کي ڪهڙي ميار ڏجي. اسين جيڪڏھن سنڌ کي پوئتي ڪرڻ ۾ صرف ڌارين کي ئي قصور وار چئون ته شايد اھو سراسر غلط ٿيندو. اڄ جي دور جي مزاحمتي ۽ انقلابي شاعر مهر ڊٻائي جا ڪيڏا نه خوبصورت  لفظ چيل آهن

پُڇون آخر پُڇون ڪنهن کان، اسانجو ڏوھُ ڪهڙو آ؟

اسان ماڻھو نه مارايا، اسان ٽاور نه ڪيرايا

اسان ڪي طالبان آھيون؟، نڪو ئي ٿا ٿيڻ چاهيون؟

ازل کان امن جا حامي ، ٻُڌايو ڪا ڏِٺَوَ خامي ؟

اسان ڪو روس کي ٽوڙيو؟، اسان ڪو روم کي ٻوڙيو؟

خطا تن کي ته سمجهايو؟، هٿن سان ملڪ جن جوڙيو

حشر ڇو غير جهڙو آ؟، اسانجو ڏوھ ڪهڙو آ؟

اسان ڊالر وتا ناهن، نڪو ماڻھو کپايا هن

اسان برمي نه افغاني، نه تاتاري نه ترخاني

اسان ڌرتي ڌڻي آھيون، ڌڻي ئي ٿا رهڻ چاهيون

نڪو خود ڪش بمبار ڪي آھيون؟، نڪو ابن غدار ڪي آھيون

خطا هوندي ، اها هوندي، ڪندا ڌرتي سان پيار آھيون

محبت تي به جهيڙو آ، اسانجو ڏوھ ڪهڙو آ؟

نڪو ڪوفي نڪو شامي، حسيني سوچ جا حامي

اسان جي لاء مقتل آ، اسان خاطر ئي ڪربل آ

ڀلي پنهنجِي مَڃائَي ڇڏ، ڀلي خيما جلائي ڇڏ

ڊٻائي حق مظلوم آ، مگر ظالم ته باطل آ

اڙي تاريخ جا ڪاتب، حسين اڄ تائين افضل آ

انهن تي اڄ به ميڙو آ، انهن تي اڄ به ميڙو آ

سنڌ کي پوئتي ڪرڻ ۾ اسان جي سياستدانن به پنھنجي وسان ڪين گھٽايو آھي انھن سڀني مسئلن جو حل اھو آھي ته اسين ھاڻي اک پٽيون پنھنجا حق ڇني به وٺون ۽ پنھنجي نوجوان نسل کي اعليٰ تعليم حاصل ڪرايون نه ته ٻئي صورت ۾ اسان جي حالت اڃا بد کان بدتر ٿيندي. اسانجي تعليمي ادارن کي هڪ مخصوص ايجنڊا هيٺ تباهه ڪيو ويو، ضياءَ الحق جي دور کان وٺي تعليمي ادارن ۾ جهيڙا ڪرائڻ، ڪاپي ڪلچر کي فروغ ڏيڻ ۾ رياستي ادارن جو هٿ نظر ايندو آهي. انهن پاليسين کي پيپلز پارٽي به تسلسل سان جاري رکيو جڏهن ميٽرڪ فيل ماڻهن کي 1989 ۾ ماستر ڀرتي ڪيو ويو ۽ وڏي فخر سان چوندا هئا ته هنن روزگار ڏنو آهي. ٺيڪ آهي اوهين روزگار ڏيو ماڻهن کي پر پوري سنڌي قوم جي نسل خراب ڪرڻ جي قيمت تي نه هئڻ گهرجي. هن مهل پيپلز پارٽي کي سنڌ ۾ مسلسل 12 سالن کان حڪومت آهي. اسان ضياءُالحق جي 11 سالن ۾ جيڪا تباهي ڏٺي ان کان وڌيڪ سنڌ ۾ بربادي پيپلز پارٽي ڪئي آهي. جيڪڏهن وڌيڪ نه به هجي ته ان کان گهٽ به ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو