شھدادڪوٽ (ن س ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران سينئر صحافي، ناليواري شاعر ۽ نيشنل پريس ڪلب جي صدر ضمير کرل جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺائي کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي. ان موقعي تي مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن الله داد خشڪ ، پير بخش ڀٽي، وهاب پندراڻي، عرس سيلرو، حبدار ميرجت، حيات تونيو، وزير کوسو، طارق خشڪ، حاڪم مستوئي، فدا سيلرو، طالب سومرو، قاسم سومرو، صديق ابڙو، واحد ڪالاڻي، غلام علي بروهي، ساجد کرل، شاهد اعواڻ ۽ ٻين ميڙاڪي کي خطاب ڪندي چيو ته ضميرکرل هڪ شخص نه ادارو هو جنهن پنهنجي پوري زندگي قلمي پورهيو ڪيو ۽ قلم ذريعي شاعر ۽ صحافت ذريعي غريب مسڪين ماڻهن جو آواز ايوانن تائين پهچايو.

هنن چيو ته ضمير کرل بهترين انسان ، بهترين دوست ، بهترين شاعر سان گڏ بهترين آرٽسٽ ۽ ايماندار صحافي هو جنهن پنهنجي پوري زندگي ڏُکن ۾ گذاري پر زندگي جي آخري گهڙي تائين سچائي ۽ ايمانداري سان پنهنجي قول ۽ فعل تي بيٺو رهيو ۽ پنهنجي ايمانداري کان ڪڏهن نه هٽيو. هنن جو چوڻ هو ته هاڻ ضميرکرل جي اولاد ۽ سندس شاگردن کي گهرجي ته هو ضمير کرل جي ڇڏيل ڪم کي جاري رکن سڀني کي گڏ کڻي هلن. مقررين تعزيتي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي استاد ضمير کرل جي زندگي جي هر پهلو تي روشني وڌي.










