ضمني چونڊن ۾ ڪنهن جي به مداخلت ناهي: راڻا ثناءُ

ضمني چونڊن ۾ ڪنهن جي به مداخلت ناهي: راڻا ثناءُ

اسلام آباد (بيورو)وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته ضمني چونڊن ۾ ڪو ادارو مداخلت نه ڪري رهيو آهي، الزام هڻڻ عمران خان جي عادت آهي.عمران خان پهريان ٻڌائي ته مسٽر ايڪس 2118 ۾ ڇا ڪري رهيو هو.هن چيو ته آزادانه حرڪت ۽ وقار هر شهري جو اڻٽٽ حق آهي، جيڪو به ڪنهن جي خلاف بغير ڪنهن سبب جي ڪارروائي ڪندو، ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.گهرو وزير چيو ته سعودي عرب ۾ قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. اتي جيڪي پڪڙيا وڃن ٿا، تن کي آزاد نه ڪيو وڃي ٿو ۽ نه وري ٻڌو وڃي ٿو. راڻا ثناءُ الله چيو ته اليڪشن ڪميشن چونڊ مهم ۾ حصو وٺڻ تي ڏنڊ ۽ نوٽيس موڪلي رهي آهي، تنهن ڪري وزيرن استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. هن چيو ته اميدوارن جي نالن سان اسان جي ماڻهن کي مطمئن ڪرڻ وڌيڪ ڏکيو هو، جيڪو اسان حل ڪيو آهي، اسان 20 مان 16 سيٽون کٽينداسين. راڻا ثناءُ الله وڌيڪ چيو ته اسان 12-13 سيٽن تي ايترا ته پرامن آهيون جو پي ٽي آءِ سان ڪو مقابلو ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو