ضلع ڪائونسل مخصوص سيٽن تي منتخب نمائندن حلف کڻي ورتو

ضلع ڪائونسل مخصوص سيٽن تي منتخب نمائندن حلف کڻي ورتو

گهوٽڪي (ن س )ضلع ڪائونسل هال ميرپور ماٿيلو ۾ مخصوص سيٽن تي منتخب نمائندن جي حلف برداري تقريب، ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي ميمبرن کي حلف کڻايو. تفصيل موجب ضلعي ڪائونسل هال ميرپور ماٿيلو ۾ ضلعي ڪائونسل، ميونسيپل ڪاميٽيز گهوٽڪي ۽ ميرپور ماٿيلو جي مخصوص سيٽن تي نامزد ٿيل ميمبرن جي حلف برداري تقريب ٿي گذري جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي محمد عثمان عبدﷲ ضلعي ڪائونسل جي 21 عورت ميمبرن سميت ليبر، نوجوانن، اقليت ۽ معذورن جي مخصوص سيٽن تي 11 ميمبرن کي حلف کڻايو جڏهن ته ميونسيپل ڪاميٽي گهوٽڪي جي 10 ۽ ميونسيپل ڪاميٽي ميرپور ماٿيلو جي 6 مخصوص سيٽن تي ميمبرن کي حلف کڻايو ويو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنرن سمورن منتخب ميمبرن کي مبارڪون پڻ ڏنيون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو