ضلعي گهوٽڪي ۾ مڪاني چونڊن جا انتظام مڪمل، انتظاميه پرعزم

ضلعي گهوٽڪي ۾ مڪاني چونڊن جا انتظام مڪمل، انتظاميه پرعزم

گھوٽڪي (ن سنڌيار) ضلعي گهوٽڪي ۾ مڪاني چونڊن جا انتظام مڪمل، انتظاميه پرعزم، سخت حفاظتي انتظامن جو فيصلو، ضلعي سطح تي ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو، 128 انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنز تي سي سي ٽي وي ڪئميرائون لڳائڻ جو عمل مڪمل، ريٽرنگ آفيسرن ۽ لاڳاپيل پوليس عملدارن کي هڪٻئي سان رابطي ۾ رهڻ جو حڪم، پرزائيڊنٽ آفيسر ضرورت موجب فرسٹ ڪلاس مئجسٽريٽ جا اختيار استعمال ڪري سگهندا. تفصيل موجب ڊپٽي ڪمشنر/ ڊسٽرڪٽ ريٽرنگ آفيسر گهوٽڪي محمد عثمان عبدﷲ ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي محمد اظهر خان جي صدارت هيٺ مڪاني چونڊن جي سلسلي ۾ انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اهم گڏجاڻي ڊي سي آفيس ميرپور ماٿيلو ۾ ٿي گذري جنهن ۾ ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر محمد عمران ۽ ريٽرنگ آفيسرن سميت پوليس عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر/ڊي آر او خطاب ڪندي چيو ته مڪاني چونڊ دوران ضلعي ۾ امن و امان برقرار رکڻ لاءِ سمورا ريٽرننگ آفيسر ۽ پوليس عملدار هڪٻئي سان رابطي ۾ رهندا، پولنگ ڏينهن ڪنهن جو به موبائل نمبر بند نه هجڻ گهرجي ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جو عذر قبول نه ڪيو ويندو ڇو ته هي هڪ قومي ۽ حساس معاملو آهي انڪري اسان سڀني جو قومي فرض آهي ته پنهنجون ذميواريون بهتر طريقي سان ادا ڪريون ته جيئن خوشگوار ماحول ۾ عوام پنهنجي ووٽ ڏيڻ جو حق استعمال ڪري سگهي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران سمورن پرزائيڊنگ آفيسرن کي فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ جي اختيار مليل آهن جيڪي ضرورت موجب استعمال ڪري سگهن ٿا، ڪنهن کي به ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪرڻ نه ڏينداسون، پولنگ اسٽيشن ۾ ووٽر توڙي ايجنٽن کي موبائل فون کڻي وڃڻ جي اجازت نه هوندي، صرف پرزائيڊنگ آفيسر ۽ اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر موبائل فون کڻي سگهندا، سموري صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ ضلعي سطح تي ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ضلعي جي جي 659 پولنگ اسٽيشن مان 128 انتهائي حساس تي سي سي ٽي وي ڪئميرائون لڳائڻ وارو عمل مڪمل ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي موقعي تي ايس ايس پي محمد ظفر خان ڳالهائيندي چيو ته مڪاني چونڊن جي حوالي سان سخت حفاظتي انتظام ڪيا ويندا ان سلسلي ۾ پوليس پرعزم آهي، ڪنهن کي به اسلحي جي نمائش ڪرڻ جي اجازت نه هوندي، فساد پکيڙڻ جي ڪوشش ڪندڙن کي سختي سان منهن ڏبو، ضلعي ۾ 3 هزار کان مٿي پوليس آفيسر ۽ اهلڪار فرض سرانجام ڏيندا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو