ضلعي جي سمورين پولنگ اسٽيشنن تي نظام درست هئڻ گهرجي:ڊي سي

ضلعي جي سمورين پولنگ اسٽيشنن تي نظام درست هئڻ گهرجي:ڊي سي

ٺٽو ( ن سنڌيار) ڊپٽي ڪمشنر و ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسر غضنفر علي قادري ايجوڪيشن ورڪس، پبلڪ هيلٿ، ميونسپل، ٽائون ۽ ٻين سمورن لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن کي سختي سان هدايت ڪئي آهي ته ضلعي جي سمورين پولنگ اسٽيشنن تي صفائي سٿرائي، بجلي، پيئڻ جي پاڻي، واش رومز ٻين سمورين سهولتن جي موجودگي هر صورت ۾ يقيني بڻائين، ان ڏس ۾ ڪا به غفلت برداشت نه ڪئي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن دربار هال ڊي سي آفيس مڪلي ۾ مڪاني چونڊن لاءِ مقرر ڪيل پولنگ اسٽيشنن ۾ سهولتن جي موجودگي جي حوالي سان منعقد اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. گڏجاڻي ۾ ضلعي اليڪشن ڪمشنر عذرا مهيسر، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر 1 رياض حسين لغاري، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر 2 ڊاڪٽر راشد چنه، ضلعي جي سمورن مانيٽرنگ آفيسرن، آر اوز، اي آر اوز کان علاوه پبلڪ هيلٿ، روينيو، تعليم، لوڪل گورنمينٽ، تعليم، ايجوڪيشن ورڪس، ٽي ايم اوز ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي. ڊپٽي ڪمشنر / ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسر غضنفر علي قادري سمورن لاڳاپيل آفيسرن کي وڌيڪ هدايت ڪئي ته هو پولنگ عملي ۽ ووٽرن جي سهولتن لاءِ سمورن انتظامن کي يقيني بڻائين. هن چيو ته جن پولنگ اسٽيشنن تي بجلي جي سهولت موجود نه آهي اتي جنريٽر جي موجودگي کي يقيني بڻائڻ سان گڏ هر پولنگ اسٽيشن تي هنگامي بنيادن تي ريمپ پڻ تعمير ڪيا وڃن ته جيئن معذور ووٽر به ويل چيئر ذريعي آساني سان پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪري سگهن. هن سمورن رٽرننگ آفيسرن کي هدايت ڪئي ته پرزائيڊنگ آفيسرن ۽ عملي لاءِ موثر حڪمت عملي جوڙي وڃي ته جيئن پولنگ سامان کي مقرر هنڌن تي محفوظ طريقي سان پهچايو وڃي. هن چيو ته هي نه رڳو اليڪشن ڪميشن جو پر اسان سڀني جو قومي فرض آهي ۽ اهو تمام اهم ڪم آهي جنهن کي مڪمل ڪرڻ ۾ اسان سڀني کي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ته جيئن مڪاني چونڊون خوش اصلوبي ۽ پرامن طريقي سان انجام تائين پهچائي سگهجي. ان موقعي تي ريٽرننگ ۽ اسسٽنٽ رٽرننگ آفيسرن درپيش مسئلن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو