ضلعي جي اسپتالن ۾ سامان ورهائڻ واري تقريب،محمد بخش جي شرڪت

ضلعي جي اسپتالن ۾ سامان ورهائڻ واري تقريب،محمد بخش جي شرڪت

گهوٽڪي (ن س)ضلعي انتظاميه گهوٽڪي پاران ماڙي پيٽروليم ڪمپني جي پراڊڪشن بونس ۽ سوشل ويلفيئر فنڊ مان صحت کاتي ۽ پي پي ايڇ آئي کي مختلف اسپتالن ۽ بي ايڇ يوز لاءِ 2 ايمبولينسون ۽ علاج معالجي لاءِ ضروري مشينري توڙي اوزار فراهم ڪيا ويا، سرڪٽ هائوس گهوٽڪي ۾ پروقار تقريب منعقد ٿي، ايم اين اي سردار محمد بخش خان مهر، وڏي وزير جي صلاحڪار سردار بنگل خان مهر، ڊي سي گهوٽڪي محمد عثمان عبدﷲ ۽ مئنيجر ايڊمن سيڪيورٽي ڪرنل محمد منير خان ابدالي شرڪت ڪئي. تفصيل موجب ضلعي انتظاميه گهوٽڪي پاران ماڙي پيٽروليم ڪمپني جي پراڊڪشن بونس ۽ سوشل ويلفيئر فنڊ مان صحت کاتي ۽ پي پي ايڇ آئي کي تعلقه اسپتال گهوٽڪي لاءِ هڪ عدد جديد ايمبولينس، منارٽي ڪميونٽي (بابا گرو نانڪ ٽرسٽ) ڏهرڪي لاءِ هڪ عدد جديد ايمبولينس سميت شيخ همدان اسپتال خانپور مهر، بي ايڇ يو سردار گڙه ۽ ڊسپينسري آدم مهر لاءِ ڪلر ڊوپلر، اسٽيم انهيلر، ايڪسري الومينٽر، هيموگلوبن ميٽر، ڪارڊڪ مانيٽر، آئي سي يو وينٽيليٽر، مائڪرواسڪوپ، اليڪٽرڪ بيڊس، فيڊنگ سيٽ، بي اينڊ سي سيٽ سميت فرنيچر ۽ علاج معالجي لاءِ ضروري مشينري ۽ اوزار پڻ فراهم ڪيا ويا آهن. سامان ورهائڻ واري تقريب کي ميمبر قومي اسيمبلي سردار محمد بخش خان مهر خطاب ڪندي چيو ته ماضي ۾ سياسي ڇڪتاڻ سبب هتان جا صنعتي ادارا ڪم نه ڪري سگهندا هئا جڏهن ته هاڻي ائين ناهي، اهو ئي سبب آهي جو ماڙي پيٽروليم ڪمپني سماجي ڀلائي وارا ڪم ڪري پئي، هن چيو ته ضلعي انتظاميه جي تعاون سان اسين شفاف طريقي سان ميرٽ جي بنياد تي اسپتالن کي سهولتون فراهم ڪيون آهن. اسين سياست کان بالاتر ٿي عوامي خدمت تي يقين رکون ٿا. ان موقعي تي هن سمورن ميڊيڪل آفيسرن کي هدايت ڪندي چيو ته اسپتالن کي فراهم ڪيل مشينري جو مڪمل خيال رکي استعمال ۾ آندو وڃي ته جيئن هتان جي ماڻهن کي لاڀ ملي سگهي.، تقريب کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر محمد عثمان عبدﷲ چيو ته گهوٽڪي ضلعي جي صحت واري شعبي کي بهتر ڪرڻ لاءِ ماڙي پيٽروليم ڪمپني جي فنڊ مان پيٽروليم سوشل ويلفيئر ڪاميٽي جي هدايتن موجب صحت کاتي ۽ پي پي ايڇ آئي پاران تجويز ڪيل اسپتالن کي ميرٽ جي بنياد تي سهولتون فراهم ڪيون آهن . ان کان اڳ مئنيجر ايڊمن سيڪيورٽي ڪرنل محمد منير ابدالي چيو ته ڪمپني انتظاميه جو بنيادي مقصد مقامي ماڻهن کي سهولتون فراهم ڪرڻ آهي ان لاءِ ڪوششون ڪريون پيا، پراڊڪشن بونس فنڊ کان علاوه ڪمپني پنهنجي طور تي خصوصي ٻارن کي تعليم جي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ بين الاقوامي معيار مطابق نور سحر اسڪول هلائي پئي. ان موقعي تي ڊي ايڇ او باقر يوسف جتوئي، ڊي ايم پي پي ايڇ آئي ليفٽيننٽ رٽائرڊ سراج الدين چنا ۽ ٻين خطاب ڪيو. تقريب ۾ ڊپٽي مئنيجر سي ايس آر ڪرنل رٽائرڊ فارق اعظم، سي ايس آر آفيسر هير الدين بلوچ سميت وڏي تعداد ۾ ڊاڪٽرن شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو