مخالفن جو اتحاد جعلي ۽ ڪاغذي آهي:امتياز شيخ

مخالفن جو اتحاد جعلي ۽ ڪاغذي آهي:امتياز شيخ

شڪارپور (ن سنڌيار) صوبائي وزير توانائي امتياز احمد شيخ چيو آهي ته مڪاني چونڊن ۾ شڪارپور ضلعي اندر مخالفن جو اتحاد جعلي ۽ ڪاغذي اتحاد آهي ، جنهن جي ڪا سياسي حيثيت ناهي، اھڙن خيالن جو اظهار ھن پي پي اڳواڻ سردار مقبول احمد شيخ طرفان شڪارپور شھر جي اقليتي برادري ۽ پي پي پي جي نامزد اميدوار وارڊ 22 ممتاز ڀٽو پاران ڪوٺايل ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي ڪيو، امتياز احمد شيخ جو وڌيڪ چوڻ ھو تہ مڪاني چونڊن ۾ پي پي پي پوري سنڌ اندر ڪاميابي ماڻيندي، سنڌ اندر پاڻيءَ جي کوٽ بابت ڳالهائيندي امتياز شيخ چيو ته وڏو وزير ۽ پاڻي وارو وزير ڪوشش ڪن ٿا ته سنڌ کي جلد کان جلد پنهنجي حصي جو پاڻي ملي وڃي، ٻئي طرف صحافين سان ڳالهائيندي توانائي واري وزير امتياز احمد شيخ چيو تہ پي پي پي پاران مڪاني چونڊن ۾ پارٽي ٽڪيٽن جي ورهاست جا مسئلا ٿيا آهن پر انهن مسئلن کي پارٽي بهتر ڪري رهي آهي،، مهانگائي بابت ڳالهائيندي چيو ته اسان کي هڪ مهينو ٿيو آهي ڪجهه وقت لڳندو مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندا سين، صوبائي وزير توانائي امتياز احمد شيخ جي لنگھي اچڻ تي سيد صادق علي شاھ، پي پي پي نامزد اميدوار وارڊ 17 عبداللطيف ٻرڙو جي حق ۾ ھٿ کڻي ويو، جڏھن ته وارڊ 8 ۾ آزاد اميدوار وزير علي چنا به پي پي پي جي نامزد اميدوار وارڊ 8 خالد حسين شيخ جي حق ۾ دستبردار ٿيو۔ ٻئي طرف امتياز احمد شيخ ميان صاحب ۾ سينيئر صحافي محمد وريل شيخ سان سندس امڙ ۽ صحافي زبير شيخ ۽ عزيز شيخ سان پڦي جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو