لاڙڪاڻو(ن سنڌيار) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي جو نوٽيس وٺندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي 28 جون تي اليڪشن ڪميشن آڏو پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي آهي.اليڪشن ڪميشن موجب خبرداري باوجود بلاول ڀٽو جي لاڙڪاڻي ۾ 21 جون جي جلسي ۾ شرڪت ضابطن جي سنگين ڀڃڪڙي آهي.اليڪشن ڪميشن بلاول ڀٽو زرداري کي 28 جون تي اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. لاڙڪاڻي جي ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسر (ڊي ايم او) موجب بلاول ڀٽو زرداري جي ناني لاڏاڻو ڪري وئي آهي، کيس دير جو نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.










