صوبا جيلن جي حالت بابت هاءِ ڪورٽن کي رپورٽون موڪلن

صوبا جيلن جي حالت بابت هاءِ ڪورٽن کي رپورٽون موڪلن

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ سڄي ملڪ ۾ جيلن جي حالت بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي صوبن کي ان حوالي سان لاڳاپيل هاءِ ڪورٽن کي رپورٽون موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال جي سربراهيءَ ۾ 2 رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ جسٽس اطهر من الله به شريڪ هو.چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته جيلن ۾ قيدين کي حد کان وڌيڪ رکيو پيو وڃي، چيف جسٽس پشاور هاءِ ڪورٽ صوبي جي جيلن جو دورو ڪيو، ڪيترن ئي سالن کان اسلام آباد ۾ جيل جي اڏاوت بابت ٻڌڻي ڪري رهيا آهيون، اڊيالا جيل ۾ به حد کان وڌيڪ قيدي آهن. سٺي ڳالهه اها آهي ته اڊيالا جيل ۾ صفائي جو بهتر نظام آهي.جسٽس اطهر من الله چيو ته جيلن ۾ بنيادي شين تي به عمل ناهي ٿي رهيو، صوبائي حڪومتن کي متحرڪ ٿيڻو پوندو، هي صوبائي معاملو آهي، معاملي کي وڌيڪ نظرثاني لاءِ صوبائي هاءِ ڪورٽن ڏانهن موڪليو وڃي.عدالت صوبائي حڪومتن کي جيلن جي حالت بابت تفصيل لاڳاپيل هاءِ ڪورٽن کي موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.سپريم ڪورٽ لاڳاپيل هاءِ ڪورٽن کي نظرثاني ڪري وڌيڪ حڪم جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو