ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي يونيورسٽي ۽ بورڊز واري صوبائي وزير اسماعيل راهو گورنمينٽ گرلز سيڪنڊري اسڪول جيڪب لائين نمبر 1 ۽ واءِ ايم سي امتحاني مرڪز جو اچانڪ دورو ڪيو. پيپر دير سان شروع ٿيڻ تي صوبائي وزير اسماعيل راهو ڪاوڙ جو اظهار ڪيو هن اسڪول جي پرنسپال کان سوال ڪيو ته پيپر دير سان ڇو شروع ڪيو ويو ۽ گرمي ۾ ٻارن کي ويهاري پيپر ڇو ورتو پيو وڃي. ڪلاس روم ۾ پيپر ڏيڻ وارن شاگردن جو ٿهيلو گڏ رکڻ تي پڻ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. اسماعيل راهو خبردار ڪيو ته امتحاني مرڪزن ۾ موبائيل فون جي استعمال تي پابندي آهي ۽ استاد به پاڻ سان موبائيل فون نه آڻين، جيڪو به پاڻ سان گڏ موبائيل فون آڻيندو ان خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. سنڌ جي يونيورسٽين ۽ بورڊز واري صوبائي وزير اسماعيل راهو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل ٻن ڏينهن ۾ سنڌ جي 6 ڊويزنن ۾ 440 شاگرد نقل ڪندي ۽ 71 ٻين جي جاءِ تي امتحان ڏيندي پڪڙيا ويا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ اسماعيل راهو چيو ته ڪراچي ۾ 16 شاگردن کان نقل ڪندي ۽ 6 موبائيل فون هٿ ڪيا ويا، 82 ٽيمن امتحاني مرڪزن جو دورو ڪيو، ڪراچي بورڊ ۾ 2 ڪنٽرول روم قائم ڪيا ويا آهن. صوبائي وزير اسماعيل راهو جو چوڻ هو ته جن شاگردن کي نقل ڪرڻ جي دوران پڪڙيا ويا آهن انهن جا ڪيس لاڳاپيل ڊسپلنري ايڪشن ڪميٽي حوالي ڪيا ويا آهن. اسماعيل راهو چيو ته سنڌ پاران ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو، ليسڪو کي درخواست ڪرڻ باوجود امتحاني مرڪزن ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، امتحانن ۾ لوڊشيڊنگ سبب شاگرد سخت گرمي کي منهن ڏئي رهيا آهن، ڪي اليڪٽرڪ من مانيون برقرار آهن ڪراچي ۾ امتحانن دوران سمورن ضلعن ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جاري آهي.. هڪ سوال جي جواب ۾ اسماعيل راهو چيو ته سنڌ ۾ جتي به پيپر آئوٽ ٿيا آهن انهن جي جاچ ڪرائي ويندي. ڪٿي به پڻ بورڊ جي ليول تي ڪوتاهي هوندي ته بورڊ انتظاميا جي خلاف ڪارروائي ڪنداسين.










