اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس پاڪستان ٻن صوبائي اسيمبلين جي چونڊن بابت پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي.چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ 9 رڪني بينچ قائم ڪئي وئي آهي، لارجر بينچ سڀاڻي پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي.چيف جسٽس عمر عطا بنديال، جسٽس سيد منصور عيل شاهه بينچ ۾ شامل آهن.جسٽس يحييٰ آفريدي، جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس منيب اختر بينچ جو حصو آهن جڏهن ته جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس جمال خان مندوخيل به لارجر بينچ ۾ شامل آهن.جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس سيد مظاهر علي اڪبر نقوي به بينچ جو حصو آهن.










