صوابي: گاڏي تي فائرنگ، عورت سميت 3 ڄڻا مارجي ويا

صوابي: گاڏي تي فائرنگ، عورت سميت 3 ڄڻا مارجي ويا

صوابي (ويب ڊيسڪ)صوابي جي علائقي ڏيرو لاڙ گدون ۾ گاڏي تي فائرنگ جو واقعو پيش آيو آهي.صوابي پوليس موجب ڏيرو لاڙ گدون ۾ اڻڄاتل جوابدارن گاڏي تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ عورت سميت 3 ڄڻا مارجي ويا.پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو پراڻي دشمني سبب پيش آيو آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ هڪ ڇوڪري زخمي ٿي پئي آهي.جوابدار واردات ڪرڻ بعد آساني سان فرار ٿي ويا.پوليس جو چوڻ آهي ته ٽنهي لاشن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو