صنعتي گندي پاڻي کي صاف ڪرڻ لاءِ پنج پلانٽ لڳائبا، ڌاريجو

صنعتي گندي پاڻي کي صاف ڪرڻ لاءِ پنج پلانٽ لڳائبا، ڌاريجو

ڪراچي (دريا خان شر) صنعتن، تجارت ۽ ڪوآپريٽو کاتي سنڌ جي صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو ٻڌايو آهي ته سنڌ حڪومت ڪراچي واٽر ۽ سيوريج بورڊ جي تعاون سان صنعتن مان خارج ٿيندڙ  گندي پاڻي جي صفائي جي لاءِ 18.143 بلين روپين جي لاڳت سان پنج ٽريٽمنٽ پلانٽ لڳائيندي. اها ڳالهه هن پنهجي آفيس  ۾ سلمان چاولا صدر سائيٽ ايسوسيئيشن جي سربراهي ۾ صنعتڪارن جي هڪ وفد سان گفتگو ڪندي ڪئي. ان موقعي تي سيڪريٽري صنعت نسيم الغني سهتو سميت ٻيا لاڳاپيل آفيسر پڻ موجود هئا. صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو ته ڄاڻايل پلانٽ، سائيٽ ڪراچي، فيڊرل بي ايريا، سپر هاءِ وي سائيٽ، لانڍي، ڪورنگي ۽ لياري ۾ لڳايا ويندا. صوبائي وزير چيو ته انهن ٽريٽمنٽ پلانٽس لڳائڻ جو مقصد پاڻي جي قدرتي ذخيرن، زمين، زرعي فصلن ۽ ٻين آبي وسيلن کي آلوده ٿيڻ کان بچائڻ آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت صنعتي زونز جي مسئلن کي ترجيعي بنيادن تي حل ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهي ۽ صوبي ۾ صنعتي سرگرمين کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ لاءِ صنعتڪارن سان تعاون لاءِ تيار آهي. هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري صنعتڪارن ۽ سرمائيدارن کي بهترين خدمتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ته جيئن هو سنڌ ۾ نيون صنعتون لڳائڻ لاءِ متحرڪ ٿي اڳيان اچن ۽ نوجوانن لاءِ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿي سگهن. هن چيو ته سرڪاري ۽ خانگي شعبن جي تعاون سان ئي صوبي اندر صنعتي ترقي جي راهه هموار ٿيڻ ممڪن آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو