صنعان وڌيڪ 2 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ جسقم چيئرمين صنعان قريشي کي اڄ ٻيهر پيش ڪيو ويو.عدالت سڳوري صنعان قريشي کي وڌيڪ ٻن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، عدالت حڪم ڏنو ته صنعان قريشي کي سومر ڏينهن ٻيهر پيش ڪيو وڃي.ٻئي طرف گڏاپ سٽي ٿاڻي تي سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن ۽ قومپرست پارٽي جي اڻڄاتل ڪارڪنن مٿان وڌيڪ چار ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. جنهن کان پوءِ ٽوٽل ڪيسن جو انگ وڌي 22 ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو