صنعان قريشي جي گرفتاري خلاف سڄي سنڌ ۾ هڙتال

صنعان قريشي جي گرفتاري خلاف سڄي سنڌ ۾ هڙتال

ڪراچي(نمائندن وٽان) سڄي سنڌ ۾ صنعان قريشي جي گرفتاري خلاف مظاهرا، ڌرڻا، شٽر بند هڙتال ۽ ريليون ڪڍيو ويون آهن، ڪراچي، حيدرآباد، سيوهڻ، دادو، سکر، لاڙڪاڻي، ڪنڌڪوٽ، ٽنڊو الهيار، ٽنڊو ڄام، شڪارپور، پنو عاقل، ڪشمور، ميرپور خاص، ملير، عمر ڪوٽ، ڪنري ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ ڌرتي ڌڻي ملڪ رياض ۽ سندس ساٿارين طرفان سنڌ تي والار واري عمل خلاف ڌرتي ڌڻي روڊن تي نڪري آيا. گمبٽ ۾ به جسقم جي سڏ تي شٽربند هڙتال، جسقم جي سڏ تي شهرين اڳڙا روڊ مارڪيٽ, ڀٽائي چوڪ, شيخ, ريشم گلي, شاهي, سونارڪي بازارون بند ڪري ڇڏيون، جڏهن ته گمبٽ پوليس زبردستي شهر کولرائي ڇڏيو، ان دوران جسقم ڪارڪنن ۽ پوليس ۾ چڪريون پڻ ٿيون، ٻئي طرف رتوديرو ۾ جسقم چيئرمين جي گرفتاري خلاف رتيديري ۾ مڪمل هڙتال ، مختلف بازارون ريشم گلي ، اناج مارڪيٽ ، ڪريانه مارڪيٽ ، ڪپڙا مارڪيٽ ۽ ننڍا وڏا دوڪان بند ڪيا ويا، جسقم رتوديرو جي اڳواڻن عبدالله ڳچل ، انصار چنه ، علي حيدر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو پڻ ڪيو ۽ سخت نعريبازي ڪندي مطالبو ڪيو ته جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي کي آزاد ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو، دولتپورصفن ۾ جسقم چئيرمين صنعان خان قريشي جي گرفتاري ۽ ٻين قومپرست اڳواڻن مٿان گڏاپ ٿاڻي تي دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ٿيڻ خلاف جسقم دولتپورصفن يونٽ طرفان دولتپورصفن شهر ۾ مڪمل شٽربند هڙتال ڪئي وئي آهي ، سمورا ڪاروباري مرڪز ، مين شاهي بازار ، مين روڊ تي قائم ڪاروباري دڪان سمورا بند ڪيا ويا آهن ، هوڏانهن جسقم اڳواڻن نذير ڏاهري ، اياز انڙ ، رشيد اوٺو ۽ ٻين چيو ته بيگناھ قومي ڪارڪنن مٿان تشدد ڪري کين گرفتار ڪيو ويو آهي ، جنهن جي ڪيتري به مذمت ڪجي اُها گهٽ آهي ، سنڌ جو ٻچو ٻچو پنهنجي ڌرتي ماءُ جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻين ٿا ، رياستي ادارا بحريہ ٽائون سان ملي خود پاڻ سازش ڪري ڀڃ ڊاھ ڪئي ، قومپرست اڳواڻن ۽ قومي ڪارڪنن جو ان عمل سان ڪوبه  واسطو ناهي ، هنن مطالبو ڪيو ته داخل قومپرستن مٿان ڪوڙو ڪيس ختم ڪري ۽ جسقم چئيرمين صنعان خان قريشي کي آزاد ڪيو وڃي ، ٻيءَ صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي .ٺٽي ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي گرفتاري ۽ گمشدگي خلاف جسقم جي سڏ تي ٺٽي ۾ مڪمل شٽر بند هڙتال، ڪاروباري مرڪز بند ڪيا ويا، شٽر بند ھڙتال سبب پئٽرول پمپ، سي اين جي اسٽيشن سميت سمورا ڪاروباري مرڪز بند ڪارڪنن جو شھر ۾ گشت جاري آهي، جڏهن ته ڪنھن به اڻوڻندڙ امڪاني واقعي کي منھن ڏيڻ لاءِ پوليس اٽالا مقرر ٿيل آهن، تنگواڻي ۾ جسقم چيئرمين صنعان قريشي جي گرفتاري خلاف شهر سوير کان مڪمل طور بند ٿي ويو، ملڪ مارڪيٽ،اسد مارڪيٽ، بجاراڻي مارڪيٽ سميت مين روڊ جا سڀ دڪانون ۽ مارڪيٽ پاڻ مرادو بند ڪيا ويا، ڪجهہ هنڌن تي کليل ڪاروباري مرڪز تي جسقم ڪارڪنن پهچي اپيل ڪيو ته اهي مارڪيٽون ۽ دڪان به بند ٿي ويا، جسقم پاران ماشاالله اسٽاپ کان ديشي اعجاز،روپلو ، مير سنڌي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي سخت نعريبازي ڪئي وئي، ريلي رهبر چوڪ تي پهتي ته وڏي انگ ۾ ايس ٽي پي اڳواڻ شربت نندواڻي،مهتاب ملڪ سميت وڏي انگ ۾ ڪارڪنن ۽ شهرين شرڪت ڪئي،ان موقعي تي سکر وين ٽرمنل تي ڌرڻو هڻي اڳواڻ چيو ته جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي کي 3 ڏينهن کنڀي گم ڪيوويو آهي، ڪيس يا ڪو ڏوهه آهي ته ڪورٽون فيصلي جو حق رکن ٿيون، بنا جواز قيد ڪرڻ سان قومي تحريڪ جي جدوجهد ختم نه ٿيندي، صنعان خان قريشي کي جلد آزاد ڪيووڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايوويندو، هوڏانهن گھارو ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي گرفتاري ۽ گمشدگي خلاف جسقم جي سڏ تي گهارو شهر ۾ مڪمل شٽر بند هڙتال ڪئي وئي، فيض گنج فيض گنج ۾ صنعان خان قريشي جي گرفتاري خلاف جسقم جي سڏ تي مڪمل طور ڦيٿا روڪ ۽شٽر بند هڙتال هڙتال سبب سمورا ڪاروبار بند پيل وڏي انگ ۾ شهر ۾ پوليس مقرر ڪئي وئي، ٺري ميرواھ: جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي گرفتاري ۽ قومپرست اڳواڻن مٿان بحريا ٽائون واقعي جا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف ٺري ميرواھ پريس ڪلب آڏو جسقم جي صوبائي اڳواڻ راجا الطاف حسين شر عابد شر حاجن گل شر جي اڳواڻي ۾ ناڪا چوڪ ٺري ميرواھ کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا شھر جي مختلف گهٽين کان ٿيندي پريس ڪلب ٺري ميرواھ پهتي ان موقعي تي ريلي جي اڳواڻي ڪندڙن چيو ته بحريا ٽائون کي باھ ڏيڻ ۾ سنڌ سرڪار ملوث آھي قومپرست ڪارڪنن کي ماچيس به ساڻ نه هيو بحريا ٽائون ۽ سنڌ سرڪار جي ملي ڀڳت سان ڪيميڪل هاري بحريا ٽائون کي باهيون ڏئي سنڌي ماڻھن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جي وڏي سازش ٿي رهي آهي هنن چتاءُ ڏنو ته قومپرست قيادت مٿان داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪري صنعان خان قريشي کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ قومي شاهراهون بند ڪري اسان ڀرپور نموني احتجاج ڪنداسين ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو