تهران (ويب ڊيسڪ): ايراني فوج جي ترجمان ۽ اعليٰ قيادت پاران واضح ڪيو ويو آهي ته هو پنهنجي دفاعي صلاحيتن ۾ مسلسل واڌ ڪري رهيا آهن ۽ ڪنهن به قسم جي پرڏيهي خطري توڙي جارحيت سان منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهن.ٻئي طرف ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف آمريڪي پاليسين تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته آمريڪا هڪ ناڪام حڪمتِ عملي اختيار ڪئي آهي. سوشل ميڊيا تي پنهنجي بيان ۾ ايراني اسپيڪر چيو ته آمريڪا بار بار پنهنجو موقف مٽائي ڊرامائي سفارتڪاري ڪري رهيو آهي، جتي پهريان حملي جون دھمڪيون ڏنيون وينديون آهن ۽ پوءِ مذاڪرات جو چيو ويندو آهي. هن آمريڪا تي زور ڏنو ته هو وڌيڪ ڊرامي بازي ڪرڻ بدران حقيقتن کي تسليم ڪري ۽ جنگ بنديءَ بابت پنهنجن اڳوڻن وعدن جي پاسداري ڪري.
ايران خلاف جنگ جلد ختم ٿي ويندي، هو وڌيڪ وقت نٿا وڙهي سگهن: ڊونلڊ ٽرمپ
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ صحافين سان گفتگو ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته ايران خلاف جاري جنگ تمام جلد پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهچندي.ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ هو ته کيس نٿو لڳي ته ايراني وڌيڪ وقت تائين جنگ جاري رکي سگهندا. هن چيو ته ايران کي ان مقصد لاءِ وڏو نقصان پهچايو ويو آهي ته هو ڪڏهن به ائٽمي هٿيار حاصل نه ڪري سگهي، ۽ آمريڪا جا اهداف تمام سٺي نموني حاصل ٿي رهيا آهن. ان کان علاوه صدر ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي وائيٽ هائوس جي دفاعي وزير پيٽ هيگسيٿ جو کليل دفاع ڪندي چيو ته هو سندس پاران انجام ڏنل ڪارڪردگيءَ مان مڪمل طور تي مطمئن ۽ خوش آهن.










