پشاور (ويب ڊيسڪ)ن ليگ اڳواڻ ڪيپٽن (ر) محمد صفدر جو چوڻ آهي ته اعظم سواتي جي نامزدگي ڪاغذن تي اعتراض اٿاريا آهن.اها ڳالهه پشاور ۾ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ڪيپٽن (ر) محمد صفدر ميڊيا سان ڳالهائيندي چئي.هنن جو چوڻ آهي ته اعظم سواتي کي عام چونڊن ۾ به اعتراضن بعد نااهل ڪيو ويو هو. ڪيپٽن (ر) محمد صفدر چيو ته خيبرپختونخواهه حڪومت پهريان 1100 ارب رپين جو قرض ختم ڪري، ايندڙ 5 سالن ۾ ڪي پي ڪي تباهه ٿيڻ وارو آهي.هن چيو ته ٽرين زباني نه هلندي آهي، علي امين گنڊاپور ضرور خواب ۾ ٽرين هلائي هئي.ن ليگ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته خيبرپختونخواهه حڪومت شهباز شريف جي تقليد ڪري رهي آهي، ڪي پي ڪي ۾ اٽو ناهي، ٻيا به بنيادي مسئلا آهن.ڪيپٽن (ر) صفدر جو اهو به چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ باني کي جيل ۾ ديسي مرغي ۽ انڊا ملي رهيا آهن، کين ٻيو ڇا گهرجي؟










