صديقي جي رٽائرمينٽ وارو نوٽيفيڪشن جاري ڪرڻ جي منظوري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)صدر آصف علي زرداري جسٽس شوڪت عزيز صديقي جي رٽائرمينٽ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.جسٽس شوڪت صديقي کي جج جي عهدي تان هٽائڻ جو 11 آڪٽوبر 2018 جو نوٽيفڪيشن به منظور ڪيو ويو.صدر وزيراعظم جي مشوري تي قانون ۽ انصاف واري وزارت جي تجويزن جي منظوري ڏني.صدر سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني. نوٽيفڪيشن جسٽس شوڪت عزيز صديقي جي رٽائرمينٽ جي تاريخ 30 جون 2021 کان لاڳو ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو