صدر،وزيراعظم،سميت فوجي قيادت جو پرويز مشرف جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

صدر،وزيراعظم،سميت فوجي قيادت جو پرويز مشرف جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)صدر عارف علوي ۽ وزيراعظم شهباز شريف اڳوڻي صدر جنرل رٽائرڊ پرويز مشرف جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.عارف علوي پرويز مشرف جي لاءِ مغفرت جي دعا ڪئي ۽ سندس وارثن لاءِ صبر جي دعا به ڪئي.ان کان علاوه وزيراعظم شهباز شريف پرويز مشرف جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته هو مرحوم جي خاندان سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪري ٿو ۽ پونئيرن کي صبر جميل جي دعا ڪري ٿو.ٻئي طرف سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي به پرويز مشرف جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڏک جي هن گهڙي ۾ سندس گهرڀاتين سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته الله تعاليٰ مرحوم جي مغفرت فرمائي ۽ سندس درجات بلند فرمائي ۽ سوڳوار خاندان کي صبر جي توفيق عطا فرمائي.

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف پاران پرويز مشرف جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار  

مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف اڳوڻي صدر جنرل (ر) پرويز مشرف جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ نواز شريف پرويز مشرف جي وفات تي انا لله و انا اليه راجعون لکيو.

فوجي قيادت جو پرويز مشرف جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار

پاڪستان جي فوجي قيادت اڳوڻي صدر جنرل رٽائرڊ پرويز مشرف جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) طرفان جاري ڪيل بيان موجب چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ آرمي چيف پرويز مشرف جي لاڏاڻي تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو آهي. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پرويز مشرف اڳوڻو صدر، اڳوڻو جوائنٽ چيفس ۽ آرمي چيف هو، الله تعاليٰ مرحوم جنرل رٽائرڊ پرويز مشرف جي مغفرت فرمائي ۽ جنرل رٽائرڊ پرويز مشرف جي پونئرن کي صبر ۽ حوصلو عطا فرمائي.ان کان علاوه نيول چيف ايڊمرل امجد خان نيازي به پرويز مشرف جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.پاڪ بحريه جي ترجمان مرحوم جي درجات جي بلندي جي لاءِ دعا ڪئي ۽ دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جي پونئرن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي.

پهنجو تبصرو موڪليو