اسلام آباد(بيورو رپورٽ)صدر آصف علي زرداري جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون.صدر اسلام آباد ۾ جي يو آءِ سربراهه جي رهائشگاهه پهتو، جتي فضل الرحمان سندس استقبال ڪيو.ان دوران وفاقي گهرو وزير محسن نقوي به صدر آصف علي زرداري سان گڏ هو.آصف زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان وچ ۾ ملاقات ۾ مولانا عبدالغفور حيدري، مولانا اسد محمود، اسلم غوري ۽ انجنيئر ضياءُ الرحمان به موجود هئا. ذريعن موجب ملاقات دوران سياسي اڳواڻن ملڪ جي سياسي صورتحال سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ايندڙ هفتي جي ممڪن قانون سازي بابت تفصيلي مشاورت ڪئي. ان موقعي تي آصف علي زرداري مولانا فضل الرحمان کي بندوق پيش ڪئي.










