اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اليڪشن ڪميشن چونڊن بابت صدر عارف علوي جي خط جو جواب ڏئي ڇڏيو.ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن صدر جي سڏايل اجلاس ۾ شرڪت جو فيصلو ڪيو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس سومر ڏينهن 11 وڳي صدر هائوس ۾ طلب ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب صدر کي لکيل جوابي خط ۾ اليڪشن ڪميشن صدر طرفان لکيل خط جي لفظن تي سخت خدشن جو اظهار ڪيو آهي.اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن آئين ۽ قانون تي عمل ڪري ٿي، اليڪشن ڪميشن آزاد ۽ خودمختيار ادارو آهي، اليڪشن ڪميشن عدليه جي فيصلن جو احترام ۽ اطاعت ڪري ٿي، صدر جي اليڪشن ڪميشن سان لاتعلقي مناسب ناهي. رياست جي صدر جا لفظ لکي، افسوس ۽ مايوسي ٿي، اهڙن لفظن لکڻ تي.خط ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن پنهنجون آئيني ذميواريون سٺي نموني نڀائي رهي آهي.










