اسلام آباد (بيورو)ملڪ جي صدر ڊاڪٽر عارف علوي يوم آزادي جي موقعي تي قيدين جي سزائن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو آهي. صدر طرفان قيدين جي سزا ۾ گهٽتائي آئين جي آرٽيڪل 45 تحت ڪئي وئي آهي. اعلان موجب، 65 سالن يا ان کان مٿي عمر وارا مرد قيدي جيڪي 15 سال يا ان کان وڌيڪ قيد ڪاٽي چڪا آهن، انهن کي باقي سزا کان مڪمل معافي جو اعلان ڪيو ويو آهي. 60 سالن ۽ ان کان مٿي عمر جي عورتون جن کي 10 سال يا ان کان وڌيڪ قيد جي سزا ملي آهي، انهن کي به انهن جي باقي سزان مان مڪمل طور تي معافي ڏني وئي آهي. ان کان علاوه اهو به اعلان ڪيو ويو آهي ته انهن قيدين جي سزا مڪمل معاف ڪئي ويندي جن جيل جي سزا جو ٽي چوٿون حصو ڪاٽي چڪو آهي ۽ جيڪي 20 سال قيد مڪمل ڪري چڪا آهن. جيل جي سزا ۾ صدر جي گهٽتائي انهن ماڻهن تي لاڳو نه ٿيندي جيڪي رياست مخالف سرگرمين جي سزا مليل آهن، جن ۾ جاسوسي، گينگ ريپ، بينڪ ڦرلٽ ۽ اغوا جا ڏوهه ثابت ٿيا آهن.










