صدر ٽرمپ کي ڪنٽرول ڪرڻ جو فن شهباز شريف کي اچي ٿو

صدر ٽرمپ کي ڪنٽرول ڪرڻ جو فن شهباز شريف کي اچي ٿو

لنڊن(ويب ڊيسڪ)برطانوي اخبار دي گارڊين (The Guardian) پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي سنڀالڻ جو هنر صرف پاڪستاني وزيراعظم شهباز شريف کي اچي ٿو. رپورٽ موجب، شرم الشيخ ۾ ٿيندڙ عالمي اجلاس دوران ٽرمپ ڪيترن ئي عالمي اڳواڻن کي پريشان ۽ شرمنده ڪري ڇڏيو. هن اطالوي وزيراعظم جي حسن جي واکاڻ ڪئي، برطانوي وزيراعظم ڏانهن اهڙو اشارو ڪيو ڄڻ هو کيس ڳالهائڻ لاءِ سڏي رهيو هجي، پر پوءِ پاڻ مائڪ هٿ ۾ وٺي ڳالهائڻ لڳو ۽ کيس شرمندگيءَ ۾ وجهي ڇڏيو. دي گارڊين موجب، واحد اڳواڻ جنهن کي ڄاڻ هئي ته صدر ٽرمپ سان ڪيئن معاملو ڪرڻو آهي، اهو شهباز شريف هو. رپورٽ ۾ لکيو ويو آهي ته شهباز شريف صدر ٽرمپ جي تمام گهڻي تعريف ڪئي. هڪ موقعي تي جڏهن ٽرمپ اسٽيج ڏانهن واپس وڃڻ چاهيو، ته شهباز شريف کيس روڪي ڇڏيو ۽ پنهنجي تقرير جاري رکي. رپورٽ موجب، غزه امن سربراهي اجلاس دوران وزيراعظم شهباز شريف ۽ صدر ٽرمپ جي ملاقات ٿي، جتي ٽرمپ گرمجوشيءَ سان ساڻس هٿ ملائي ملاقات ڪئي. گارڊين موجب، ٽرمپ تقريب ۾ ٻه ڪلاڪ دير سان پهتو. پهريان هن متحده عرب امارات جي نائب صدر شيخ منصور بن زايد ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته “انهن وٽ ته تمام گهڻو ڪيش آهي.” ان کان پوءِ اطالوي وزيراعظم جارجيا ميلوني جي حسن جي تعريف ڪئي. ٽرمپ هنگري جي صدر وڪٽر اوربان بابت چيو: “هن کي گهڻا ماڻهو پسند نٿا ڪن، پر مون کي هي پسند آهي ۽ هنکي اهميت به صرف منهنجي آهي.” برطانوي وزيراعظم اسٽارمر بابت ٽرمپ چيو: “هو ڪٿي آهي؟ هميشه وانگر منهنجي پٺيان بيٺو هوندو.” اسٽارمر کي لڳو ته کيس ڳالهائڻ جي دعوت ڏني پئي وڃي، پر ٽرمپ وري پاڻ ڳالهائڻ شروع ڪري ڏنو، جنهن تي اسٽارمر کي شرمندگيءَ سان واپس پنهنجي جاءِ تي وڃڻو پيو. رپورٽ موجب ڪينيڊا جي وزيراعظم سان صدر ٽرمپ مذاق ڪندي کيس صدر چئي مخاطب ڪيو، جنهن تي هن چيو ته ائين اوهان ڇو ڪيو؟ ٽرمپ جواب ۾ چيو: “شڪر ڪريو، مون توهان کي ڪينيڊا جو گورنر نه چيو!” گارڊين مطابق، اجلاس ۾ واحد اڳواڻ جيڪو صدر ٽرمپ کي سنڀالڻ ۾ ڪامياب رهيو، اهو پاڪستان جو وزيراعظم شهباز شريف هو.

پهنجو تبصرو موڪليو