صدر ٽرمپ جي ڪمپني جا 75 ڪروڙن جا سودا ۽ ايران جنگ

صدر ٽرمپ جي ڪمپني جا 75 ڪروڙن جا سودا ۽ ايران جنگ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)آمريڪا جي آفيس براءِ سرڪاري اخلاقيات 14 مئي تي 113 صفحن تي ٻڌل دستاويز جاري ڪيا، جن مان معلوم ٿيو ته هن سال جي پهرين ٽن مهينن دوران، يعني ايران جنگ کان اڳ ۽ ايران جنگ دوران، ڊونلڊ ٽرمپ ڪهڙين ڪمپنين جا اسٽاڪس (شيئر) خريد ڪيا ۽ وڪيا۔
دستاويزن مان ظاهر ٿئي ٿو ته آمريڪي صدر ٽرمپ طرفان ڪيل سودن جو انگ 3 هزار 642 آهي۔ ڪجهه سودن ۽ انهن جي وقت بابت سوال اٿاريا پيا وڃن، ۽ انهن مان هڪ سوال آمريڪي نائب صدر کان به پڇيو ويو۔
آمريڪي صدر ڪهڙين ڪمپنين جا شيئر خريد ڪيا؟
رائٽرز موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هن سال جي شروعات ۾ آمريڪي ڪمپنين جي شيئرز ۾ 22 ڪروڙ ڊالرن کان وٺي 75 ڪروڙ ڊالرن تائين جا سودا ڪيا۔
آمريڪي آفيس براءِ سرڪاري اخلاقيات جي جاري ڪيل دستاويزن مان ظاهر ٿئي ٿو ته 2026 جي پهرين ٽن مهينن دوران آمريڪي صدرٽرمپ مائيڪروسافٽ، ميٽا، اوريڪل ۽ بينڪ آف آمريڪا سميت ڪيترين ئي ڪمپنين جا شيئر خريد ڪيا۔
ايپل ۽ اين ويڊيا جهڙين ڪمپنين جا شيئر خريدڻ لاءِ 10 لک کان 50 لک ڊالرن تائين رقم خرچ ڪئي وئي، جڏهن تهمائيڪرو سافٽ، اميزون ۽ ميٽا جي شيئرز ۾ 50 لک کان وٺي اڍائي ڪروڙ ڊالرن تائين سيڙپڪاري ڪئي وئي۔
ڊونلڊ ٽرمپ جڏهن 14 مئي تي چين جو دورو ڪيو تهٽيسلا، بوئنگ، ايپل ۽ اين ويڊيا سميت هڪ درجن کان وڌيڪ ڪمپنين جا سربراهه به ساڻس گڏ هئا۔
آفيس براءِ سرڪاري اخلاقيات جي جاري ڪيل دستاويزن مان معلوم ٿئي ٿو ته ٽرمپ، ڪمپني Cargill کانسواءِ، انهن سڀني ڪمپنين ۾ سيڙپڪاري ڪري چڪو آهي جن جا سربراهه هو پاڻ سان چين وٺي ويو هو۔
رائٽرز موجب ’ٽرمپ آرگنائيزيشن‘ جي هڪ ترجمان اي ميل ذريعي جاري بيان ۾ چيو ته صدر ٽرمپ جي سيڙپڪاري اهڙن اڪائونٽن ذريعي ڪئي ويندي آهي جن کي آزاد مالي ادارا خودمختياري سان هلائيندا آهن۔ سيڙپڪاري جا سڀ فيصلا هڪ خودڪار نظام تحت اهي ئي ادارا ڪندا آهن۔
ترجمان وڌيڪ چيو: “نه صدر ٽرمپ، نه سندس خاندان ۽ نه ئي ٽرمپ آرگنائيزيشن سيڙپڪاري ۾ ڪو ڪردار ادا ڪري ٿي۔ انهن کي شيئرز جي خريد ۽ وڪري بابت اڳواٽ ڪا ڄاڻ به نه ڏني ويندي آهي۔”
ٽرمپ آرگنائيزيشن جي ترجمان اهو به چيو ته صدر ٽرمپ، سندس خاندان يا ٽرمپ آرگنائيزيشن سيڙپڪاري جي فيصلن بابت ڪا راءِ به نٿا ڏين۔
جيڪڏهن ٽرمپ آرگنائيزيشن جي ترجمان جي ڳالهه درست آهي ته ان جو مطلب اهو ٿيو ته ڪمپنين جا شيئر خريدڻ ۽ وڪڻڻ جا فيصلا آمريڪي صدر پاڻ نه پر هڪ آزاد ۽ خودمختيار مالي اداري ڪيا۔
ته پوءِ ڇا صدر ٽرمپ پنهنجي پورٽ فوليو ۾ موجود ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن تي اثرانداز نه ٿيا هوندا؟ ۽ پوءِ ٽرمپ طرفان ڪجهه شيئرز جي خريداري کان اڳ ۽ پوءِ جيڪي واقعا ٿيا، اهي به ڌيان جوڳا آهن۔
ٽرمپ جي سودن جو وقت
14 جنوري تي آمريڪي واپار واري کاتي NVIDIA جي تيار ڪيل H200 چپ کي چين برآمد ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي۔ اينويڊيا موجب اها چپ مصنوعي ذهانت ۽ هاءِ پرفارمنس ڪمپيوٽنگ جي رفتار ۾ نمايان اضافو ڪري ٿي ۽ مصنوعي ذهانت جي لارج لينگوئج ماڊلز کي تيزي سان هلائڻ ۾ مدد ڏئي ٿي۔
واپار واري کاتي جي بيان ۾ چيو ويو: “چين کي ڪنٽرولڊ شرطن تحت H200 وڪڻڻ جي اجازت ڏيڻ سان آمريڪي ٽيڪنالاجي نظام کي مضبوط ڪرڻ ۾ مدد ملندي۔”
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته جڏهن آمريڪي واپار وارو کاتو 14 جنوري تي اينويڊيا کي پنهنجون چپس چين برآمد ڪرڻ جي اجازت ڏئي رهيو هو، ان کان اٺ ڏينهن اڳ، ڇهين جنوري تي، آمريڪي صدر 5 کان 10 لک ڊالرن جي ماليت جا اينويڊيا ڪارپوريشن جا شيئر خريد ڪري چڪو هو۔
دستاويزن مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته ٽرمپ 10 فيبروري تي 10 لک کان 50 لک ڊالرن تائين اينويڊيا ڪمپني جا شيئر خريد ڪيا۔ ۽ 17 فيبروري تي ميٽا، اينويڊيا سان هڪ ڊيل ڪئي، جنهن تحت ميٽا پنهنجي مصنوعي ذهانت وارن ڊيٽا سينٽرز ۾ اينويڊيا جون لکين چپس استعمال ڪندي۔
گهٽ ۾ گهٽ هڪ موقعي تي اهو اشارو به ملي ٿو ته آمريڪي صدر جنهن ڪمپني ۾ سيڙپڪاري ڪري چڪو هو، ان جي حق ۾ سوشل ميڊيا پوسٽ به ڪئي۔ پوءِ ٽرمپ جي سوشل ميڊيا پوسٽ کانپوءِ ان ڪمپني جي شيئرز جي قيمت ۾ اضافو ڏٺو ويو۔
صدر ڊونلڊ ٽرمپ 6 جنوري، 2 مارچ، 11 مارچ، 12 مارچ، 17 مارچ، 18 مارچ، 25 مارچ ۽ پوءِ 26 مارچ تي Palantir Technologies ڪمپني جا لکين ڊالرن جي ماليت جا شيئر خريد ڪيا۔
اداري جي ويب سائيٽ موجب پالانٽر هڪ ٽيڪنالاجي ڪمپني آهي جيڪا اهڙيون پراڊڪٽس تيار ڪري ٿي جن ۾ ڊيٽا جو تجزيو ڪري پيچيده سوالن جا جواب ڳوليا ويندا آهن ۽ ادارن کي فيصلا سازي ۾ مدد ڏني ويندي آهي۔ ويب سائيٽ موجب پالانٽر دفاعي ضرورتن لاءِ اهڙا سافٽ ويئر به تيار ڪري ٿي جن ۾ مصنوعي ذهانت استعمال ڪئي ويندي آهي۔
25 مارچ تائين هن ڪمپني جي شيئر جي قيمت لڳ ڀڳ 155 ڊالر هئي۔ پر ان کان پوءِ شيئر جي قيمت ۾ لڳاتار گهٽتائي ڏٺي وئي۔ 10 اپريل تي اها پنهنجي ڇهن مهينن جي گهٽ ترين سطح، يعني لڳ ڀڳ 128 ڊالر في شيئر تائين اچي وئي۔
ان موقعي تي آمريڪي صدر ٽرمپ سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ ڪئي۔ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم Truth Social تي هن لکيو: “پالانٽر ٽيڪنالاجيز (PLTR) جنگي صلاحيتن ۽ اوزارن جي ميدان ۾ غيرمعمولي ڪارڪردگي ڏيکاري آهي۔ اسان جي دشمنن کان پڇي وٺو!!!”
واضح رهي ته جنهن ڪمپني جا صدر ٽرمپ اسٽاڪس خريد ڪري چڪو هو، ان جي تعريف ڪندي هن نه صرف ڪمپني جو نالو ورتو پر اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ان جي سڃاڻپ لاءِ استعمال ٿيندڙ علامت PLTR به لکي۔
ڊيٽا چارٽن مان ڏسي سگهجي ٿو ته ٽرمپ جي هن پوسٽ کانپوءِ ڪمپني جي شيئرز جي قيمت وڌندي وئي ۽ 22 اپريل تائين تقريباً 153 ڊالرن تائين پهچي وئي۔ اهو ئي ان سوال جو پسمنظر هو جيڪو رپورٽر آمريڪي نائب صدر کان ڪيو۔
رپورٽر جي ڊي وينس کان پڇيو: “جڏهن اوهان ڪجهه سال اڳ سينيٽ جي چونڊ وڙهي رهيا هئا ته اوهان چيو هو ته سرڪاري عهديدارن کي انفرادي شيئرز جي خريد ۽ وڪري جي اجازت نه هجڻ گهرجي۔
۽ ان باوجود صدر، جن وٽ شايد هڪ عام سينيٽر جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ غير عوامي معلومات تائين رسائي آهي، نه صرف انفرادي شيئرز خريد ۽ وڪرو ڪري رهيا آهن پر اهو ڪم پنهنجي ٽرسٽ ذريعي به ڪري رهيا آهن۔”
پنهنجي سوال دوران رپورٽر اهو به چيو ته “تازي راءِ شماري موجب آمريڪي شهرين جو وڌندڙ انگ صدر کي بدعنوان قرار ڏئي رهيو آهي۔” ان موقعي تي آمريڪي نائب صدر بظاهر سوال جي ڊگهائي کان تنگ ٿي پڇيو: “اوهان جو سوال ڇا آهي؟”
رپورٽر چيو: “سوال اهو آهي ته اوهان ۽ اوهان جي انتظاميا آمريڪين کي اهو دليل ڪيئن ڏئي سگهو ٿا ته اوهان بدعنواني ختم ڪري رهيا آهيو ۽ فراڊ روڪي رهيا آهيو، جڏهن ته صدر اهڙن شيئرز جي تشهير ڪندي نظر اچن ٿا جن جا هو پاڻ مالڪ آهن، انهن کي وڪرو ڪن ٿا ۽ پاڻ کي مالا مال ڪن ٿا؟”
ان تي جي ڊي وينس چيو: “مون کي پنهنجي سوال جو جواب ڏيڻ ڏيو، اهو هڪ ڊوزي هو۔” يعني آمريڪي نائب صدر رپورٽر جي سوال کي ئي “ڊوزي” قرار ڏئي ڇڏيو۔
رپورٽر سوال لاءِ جيڪي لفظ چونڊيا هئا، جي ڊي وينس ان تي ناراض نظر آيو ۽ چيو: “ڪجهه ته معروضيت رکو۔”
تنهن هوندي به صدر طرفان شيئرز جي خريداري بابت نائب صدر جو موقف هو ته ٽرمپ “اوول آفيس ۾ پنهنجي ڪمپيوٽر تي ويهي شيئرز جي خريد ۽ وڪرو پاڻ نٿا ڪن۔ انهن وٽ آزاد مالي صلاحڪار آهن جيڪي سندن سرمايو سنڀالين ٿا۔”
آمريڪا جي نائب صدر رپورٽر جي ان سوال کي “ڊوزي” قرار ڏنو ته سوال اهو به پيدا ٿئي ٿو ته ڊوزي جو مطلب ڇا آهي؟
ڪيمبرج يونيورسٽي جي آن لائين ڊڪشنري موجب ڪنهن خاص يا غيرمعمولي شيءِ کي ڊوزي چيو ويندو آهي، خاص طور تي اهڙي شيءِ جيڪا غيرمعمولي طور خراب هجي۔
ڇا آمريڪي صدر تي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ شيئر خريدڻ جي پابندي آهي؟
آمريڪي قانون تحت صدر کي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ شيئر خريدڻ يا وڪڻڻ کان واضح طور منع ناهي ڪيو ويو۔ صدر ٻين سرڪاري عهديدارن وانگر پنهنجون مالي سرگرميون جاري رکي سگهن ٿا، البته انهن تي لازم آهي ته هو پنهنجي سيڙپڪاري ۽ مالي ڏي وٺ بابت معلومات عوام سامهون ظاهر ڪن۔
جيئن تازو آمريڪي صدر جي سيڙپڪاري جا تفصيل آفيس براءِ سرڪاري اخلاقيات ذريعي سامهون آندا ويا آهن۔
آمريڪي حڪومت ۾ شامل عهديدارن تي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ شيئر خريدڻ يا وڪڻڻ جي پابندي ته ناهي، پر اهڙي پابندي لاءِ قانونسازي تي غور ضرور ڪيو ويو آهي۔
رائٽرز جي 26 جولاءِ 2023 جي خبر موجب ڊيموڪريٽ سينيٽر ڪرسٽين گليبرينڊ چيو هو ته هن ۽ ريپبلڪن سينيٽر جوش هالي “سرڪاري عهديدارن لاءِ اسٽاڪ ٽريڊنگ تي پابندي وارو بل” پيش ڪيو هو۔
ان بل جي ڪاپي سينيٽر گليبرينڊ جي سرڪاري ويب سائيٽ تي موجود آهي۔ ان ۾ اعليٰ سرڪاري عهديدارن تي اسٽاڪ رکڻ تي پابندي لڳائڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي۔
پوءِ ان بل جو ڇا ٿيو؟
ويب سائيٽ GovTrack تي آمريڪي ڪانگريس ۾ پيش ٿيندڙ بلن ۽ قانونسازي جي عمل بابت معلومات ڏني ويندي آهي۔
ان موجب “سرڪاري عهديدارن لاءِ اسٽاڪ ٽريڊنگ تي پابندي وارو بل” 25 جولاءِ 2023 تي ڪانگريس جي هڪ اجلاس ۾ پيش ڪيو ويو هو، پر ان تي ووٽنگ نه ٿي۔ مطلب اهو ته اهڙي پابندي بابت سوچيو ضرور ويو، بل به تيار ڪيو ويو، پر في الحال اهو بل سرد خاني ۾ پيل آهي۔
اهڙي طرح آمريڪي صدر يا ڪو به اعليٰ آمريڪي عهديدار جڏهن ۽ جيئن چاهي اسٽاڪس جي خريد ۽ وڪرو ڪري سگهي ٿو۔ البته آمريڪي نائب صدر پاڻ اهڙي پابندي جا حامي آهن، ۽ سندن چوڻ موجب آمريڪي صدر ٽرمپ به اهو ئي چاهين ٿا۔
19 مئي جي پريس ڪانفرنس دوران رپورٽر جي سوال جي جواب ۾ جي ڊي وينس اهو به چيو: “مان ان ڳالهه جو وڏو حامي آهيان ته آمريڪي ڪانگريس جي ميمبرن تي شيئرز جي خريد ۽ وڪري تي پابندي لڳائي وڃي، ۽ آمريڪي صدر جو به اهو ئي موقف آهي۔”
نائب صدر وڌيڪ چيو: “اسان سڀني جو خيال آهي ته ڪنهن به شخص کي پنهنجي عوامي عهدي سبب حاصل ٿيندڙ معلومات استعمال ڪندي شيئرز جي خريداري ۽ وڪرو نه ڪرڻ گهرجي۔”
هن چيو: “اسان هن عمل تي پابندي لڳائڻ چاهيون ٿا ۽ ان جي عملي مثال قائم ڪرڻ جو طريقو اهو هوندو ته ان عمل کي غيرقانوني قرار ڏنو وڃي۔ ۽ صدر به اها ئي تجويز پيش ڪئي آهي۔”
ٽرمپ جا مارڪيٽن تي اثر: پنج نمايان مثالون
هي پهريون ڀيرو ناهي جو صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ لاهن چاڙهن بابت شڪ ظاهر ڪيو ويو هجي۔ ان کان اڳ به سندس بيانن ۽ قدمن جا مارڪيٽن تي نمايان اثر ڏٺا ويا آهن۔
ڪيترين ئي مارڪيٽن جي انگن اکرن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ بي بي سي کي معلوم ٿيو هو ته صدر ٽرمپ جي ڪنهن سوشل ميڊيا پوسٽ يا انٽرويو سامهون اچڻ کان ڪجهه ڪلاڪ، ۽ ڪڏهن صرف ڪجهه منٽ اڳ ئي ڪاروباري سرگرمين ۾ غيرمعمولي واڌ جو رجحان ڏٺو ويو۔
بي بي سي جي 20 اپريل 2026 واري رپورٽ ۾ هن رجحان جي وضاحت لاءِ پنج نمايان مثال ڏنا ويا، جن مان ظاهر ٿئي ٿو ته صدر جي بيانن کان اڳ ئي مارڪيٽن ۾ غيرمعمولي سرگرمي ڏٺي وئي يا ٽرمپ جي ڪجهه قدمن جو اڳواٽ اندازو لڳائي ان مان پئسا ڪمائيا ويا۔
پهريون مثال
9 مارچ 2026 تي صدر ٽرمپ بيان ڏنو ته ايران جنگ ختم ٿيڻ جي ويجهو آهي۔ ان بيان کان فوراً پوءِ تيل جون قيمتون لڳ ڀڳ 25 سيڪڙو گهٽجي ويون۔ پر مارڪيٽ جي انگن اکرن مان ظاهر ٿيو ته تيل جي قيمت گهٽجڻ بابت تمام وڏيون شرطون صدر ٽرمپ جي بيان کان لڳ ڀڳ هڪ ڪلاڪ اڳ ئي لڳايون ويون هيون۔
جن واپارين اهي شرطون لڳايون، انهن ٽرمپ جي بيان کانپوءِ تيل جي قيمتن ۾ ٿيندڙ تبديلي مان لکين ڊالر ڪمائي ورتا هوندا۔
ٻيو مثال
23 مارچ 2026 تي ٽرمپ، ايران سان “مثبت ڳالهين” بابت سوشل ميڊيا پوسٽ ڪئي۔ ان پوسٽ کان 14 منٽ اڳ آمريڪي تيل جي قيمتن بابت اڳڪٿين تي غيرمعمولي طور وڏيون شرطون لڳايون ويون هيون۔
ٽيون مثال
9 اپريل 2025 تي ٽرمپ عالمي ٽيرف ۾ 90 ڏينهن جي وقفي جو اعلان ڪيو ته اسٽاڪ مارڪيٽون تيزي سان مٿي ويون۔ ان کان اڳ هن دنيا جي تقريباً هر ملڪ مان ايندڙ شين تي وسيع ٽيرف لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن بعد دنيا جي اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ مندي آئي هئي۔
پر 90 ڏينهن جي وقفي واري اعلان کان اڳ ئي ڪجهه واپارين 20 لک ڊالرن کان وڌيڪ جون شرطون لڳائي ڇڏيون هيون ته اسٽاڪ مارڪيٽ وڌندي، جڏهن ته مارڪيٽ گذريل ستن ڏينهن کان لڳاتار خساري ۾ هئي۔
چوٿون مثال
ڊسمبر 2025 ۾ بلاڪ چين تي ٻڌل پليٽ فارم پولي مارڪيٽ تي “Burdensome Mix” نالي اڪائونٽ ٺاهيو ويو۔ جنوري 2026 ۾ ان اڪائونٽ 32 هزار ڊالر شرط لڳائي ته نڪولس مادورو کي گرفتار ڪيو ويندو۔ ان کانپوءِ مادورو کي حراست ۾ ورتو ويو ۽ ان اڪائونٽ 4 لک 36 هزار ڊالر کٽي ورتا۔
پنجون مثال
فيبروري ۾ پولي مارڪيٽ تي ڇهه اڪائونٽ ٺاهيا ويا۔ انهن سڀني 28 فيبروري تائين ايران تي آمريڪي حملي جي اڳڪٿي ڪندي شرطون لڳايون۔ جڏهن صدر ٽرمپ ساڳئي ڏينهن حملن جي تصديق ڪئي ته انهن اڪائونٽن مجموعي طور 12 لک ڊالر ڪمائي ورتا۔
انهن ڇهن مان پنجن صارفين ان کانپوءِ وڌيڪ ڪا شرط نه لڳائي، جڏهن ته هڪ اڪائونٽ جي تازي سرگرمي مان ظاهر ٿيو ته ان 7 اپريل تائين آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگبندي ٿيڻ بابت صحيح شرط لڳائي هڪ لک 63 هزار ڊالر ڪمائي ورتا، جنهن جو اعلان ساڳئي ڏينهن واشنگٽن ۽ تهران ڪيو هو۔
تنهن هوندي به، بي بي سي پاران رابطو ڪرڻ تي آمريڪي عملدارن مان ڪنهن به اندروني معلومات جي بنياد تي واپار جي الزامن کي تسليم نه ڪيو۔(هي رپورٽ بي3 بي سي اردو تي شايع ٿي جيڪا اسين پنهنجي پڙهندڙن لاءِ پيش ڪريون ٿا. ادارو)

پهنجو تبصرو موڪليو