صدر ٽرمپ جي مان ۾ عربي عورتن جو انوکو رقص !

صدر ٽرمپ جي مان ۾ عربي عورتن جو انوکو رقص !

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي وچ اوڀر جي دوري دوران، جتي هن پاران ڪيل تاريخي معاهدا خبرن جي زينت بڻيا، اتي سندس شاهي استقبال به خاص ڌيان جو مرڪز بڻيو آهي. سعودي عرب مان شروع ٿيندڙ دوري دوران، سڀ کان پهرين ٽرمپ جو استقبال اڇن عربي گھوڙن سان ڪيو ويو، ۽ جامني رنگ جو قالين وڇايو ويو. جڏهن هو قطر پهتو ته گھوڙن سان گڏ اُٺ به شامل ڪيا ويا، ۽ محل ڏانهن ويندڙ قافلي ۾ سائبر ٽرڪون به شامل هيون. جڏهن ٽرمپ متحده عرب امارات پهتو، تڏهن سفيد روايتي ڪپڙن ۾ ملبوس مقامي ڇوڪرين پاران هڪ خاص رقص پيش ڪيو ويو، جيڪو گھڻن ماڻهن اڳي ڪڏهن نه ڏٺو هو. ان رقص دوران ڇوڪريون پنهنجا ڊگها وار هوا ۾ لوڏيندي رقص ڪري رهيون هيون، ۽ ٽرمپ انهن جي وچ مان لنگهيو. (ٽرمپ کي يو اي اي جي وڏي تيل ڪمپني جي سربراهه هڪ خاص تيل به تحفي ۾پيش ڪيو. جيڪو هڪ بوتل ۾ بند رڳو هڪ ڦڙو هو. جنهن تي ٽرمپ کلندي چيو ته تيل مهانگو ته آهي پر مون لاءِ رڳو هڪ ڦڙو؟)
العياله ڇا آهي؟
ان خاص پرفارمنس بابت وڌيڪ ڄاڻ لاءِ اسان يونيسڪو جي ويب سائيٽ ۽ متحده عرب امارات جي ثقافت ۽ سياحت کاتي کان معلومات حاصل ڪئي. العياله هڪ مشهور ثقافتي ڊانس پرفارمنس آهي، جيڪا اتر-اولهه عمان ۽ سموري متحده عرب امارات ۾ پيش ڪئي ويندي آهي. العياله ۾ ڳائڻ، دف وڄائڻ، ۽ رقص ڪرڻ شامل هوندا آهن، ۽ ان ذريعي جنگ جو منظر پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. اهو رواج عربي بدو قبيلن مان نڪتل آهي، جيڪي جنگ جي تياري يا ڪنهن خوشي جي موقعي تي اهو رقص ڪندا هئا. تقريباً ويهن مردن تي مشتمل ٻه قطارون هڪ ٻئي جي سامهون بيهنديون آهن، ۽ انهن جي هٿن ۾ بانس جون لٺيون هونديون آهن، جيڪي نيزن يا ترارن جي جاءِ تي استعمال ٿين ٿيون. انهن ٻن قطارن جي وچ ۾ موسيقي وڄائيندڙ ماڻهو وڏا ننڍا ڍول، دف ۽ پيتل جا ٿاليون وڄائيندا آهن. مرد پنهنجي سرن ۽ لٺين کي دف جي ساز سان ٺهڪائيندي رڌم ۾ آڻيندا آهن، ۽ ساڳئي وقت گيت به ڳائيندا آهن. ٻيا فنڪار، جيڪي تلوارون يا بندوقون هٿ ۾ رکندا آهن، اهي قطارن جي چوڌاري گھمندا آهن، ۽ ڪڏهن ڪڏهن اهي هٿيار آسمان ڏانهن اڇلائيندا ۽ پڪڙيندا آهن. متحده عرب امارات ۾، روايتي لباس ۾ ملبوس ڇوڪريون پنهنجي ڊگهي وارن کي هڪ پاسي کان ٻي پاسي گهمائي رقص ڪن ٿيون. هن خاص رقص کي “النشاعت” سڏيو ويندو آهي، جڏهن ته جديد انداز ۾ ان کي “خليجي رقص” پڻ چوندا آهن. بدو تهذيب ۾، هي رقص عورتن پاران مردن جي تحفظ جي بدلي اعتماد جي اظهار طور ڪيو ويندو آهي. العياله کي شادي، ميلن ۽ ٻين تهوارن ۾ پيش ڪيو ويندو آهي، ۽ ان ۾ مختلف قومن ۽ عمر جا ماڻهو حصو وٺندا آهن. ان جي اڳواڻ فنڪار کي عام طور وراثت ۾ اهو عُهدو ملندو آهي، ۽ ان جو ڪم ٻين فنڪارن کي سيکارڻ آهي. العياله پيش ڪرڻ لاءِ نه عمر، نه جنس، نه سماجي حيثيت جي ڪا پابندي آهي. (هي اسٽوري اسان بي بي سي جي ٿورن سان پيش ڪري رهيا آهيون)

پهنجو تبصرو موڪليو