صدر عارف علوي سان ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي ملاقات

صدر عارف علوي سان ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي ملاقات

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) ناڻي واري وزير اسحاق ڊار صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان اهم ملاقات دوران اهم عهدي تي مقرري سميت ٻين معاملن تي صلاح مشورا ڪيا.ملندڙ رپورٽن موجب ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار اڄ ايوان صدر اسلام آباد ۾ صدر عارف علوي سان ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات اڌ ڪلاڪ کان وڌيڪ وقت تائين جاري رهي. اسحاق ڊار ۽ صدر وچ ۾ اهم مقرري ۽ ٻين معاملن تي ڳالهيون ٿيون.ان موقعي تي ناڻي واري وزير ملڪ جي بهتري لاءِ اڳيان گڏجي وڌڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ناڻي واري وزير صدر کي معاشي صورتحال تي به اعتماد ۾ ورتو. جڏهن ته ناڻي واري وزارت جي ڪارڪردگي ۽ آءِ ايم ايف سان معاملن تي به ڳالهيون ڪيون ويون.ملاقات دوران اسحاق ڊار عارف علوي کي ملڪ جي گڏيل اقتصادي ۽ مالياتي صورتحال تي بريف ڪيو. ناڻي واري وزير صدر کي پاڪستان جي عوام خاص طور تي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ٻوڏ متاثرين کي ريليف ڏيڻ ۽ حڪومت طرفان کنيل قدمن کان به آگاهه ڪيو. ميڊيا ۾ ايندڙ خبرن موجب آرمي چيف جي مقرري جي معاملي تي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار کي اتحادين کي اعتماد ۾ وٺڻ جي اهم ذميواري ڏني وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو