چانگشا )ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري 5 ڏينهن جي دوري تي چين پهتو. صدر آصف علي زرداري چين جي شهر چانگشا پهتو، جتي چيني صوبي هونان جي پيپلز ڪانگريس جي وائيس چيئرمين هو زوشينگ سندس استقبال ڪيو.پرڏيهي آفيس موجب، صدر زرداري دوري دوران چيني صوبائي قيادت سان ملاقات ڪندو.پرڏيهي آفيس جو چوڻ آهي ته صدر ماؤ زي تنگ جي جنم ڀومي شاوشان جو به دورو ڪندو.چين جي دوري دوران سنڌ حڪومت ۽ چيني ڪمپنين وچ ۾ معاهدا متوقع آهن.










