لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جو چوڻ آهي ته مون کي چار گوليون لڳيون.هن لانگ مارچ عارضي طور معطل ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته مان ٺيڪ هجڻ تي ٻيهر اسلام آباد جو سڏ ڏيندس، جيستائين ٽي ماڻهو استعيفيٰ نه ڏيندا، عوام سڄي ملڪ ۾ احتجاج جاري رکندو.هن وڌيڪ چيو ته جيستائين هي ٽئي ماڻهو استعيفيٰ نه ڏينداسين، تيستائين مون تي قاتلاڻي حملي جي جاچ ٺيڪ نموني نه ٿي سگهندي.لاهور ۾ ڳالهائيندي عمران خان چيو ته حملي جا تفصيل بعد ۾ ٻڌائيندس، هنن ماڻهن مون کي وزير آباد يا گجرات ۾ مارڻ جو منصوبو ٺاهيو هو.عمران خان چيو ته 3 ماڻهن مون کي بند ڪمري ۾ مارڻ جو فيصلو ڪيو، مون هڪ وڊيو ٺاهي آهي جنهن ۾ ٻڌايو آهي ته اهي ماڻهو ڪير آهن؟، مان سندن پلان 24 سيپٽمبر تي جلسي ۾ رکيو هو، مون کي ٻڌايو ويو ته مون کي مارڻ جو پلان ٺاهيو ويو آهي.اڳوڻي وزيراعظم چيو ته وزيرآباد ۾ ٽن ماڻهن مون کي مارڻ جي رٿابندي ڪئي، هي شخص اڪيلو ناهي ٻيا ماڻهو به ملوث آهن، ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر سڀ ڊڄن ٿا.هن چيو ته اعظم سواتي ۽ شهباز گل تي تشدد جي شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي.عمران خان چيو ته مون کي مارڻ وارن ڪا ڪسر نه ڇڏي هئي، جلد سنڌ ويندس ۽ اتي زرداري کي شڪست ڏيندس، نواز شريف کي چيلينج ٿو ڪريان ته مون کان ڪنهن به سيٽ تان اليڪشن وڙهي.هن چيو ته ملڪ ترقي نه ڪري رهيو آهي ڇو ته ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي جي سربراهه کي انصاف ناهي ملي رهيو، مون کي خبر هئي ته مون سان ڪو واقعو ٿيڻ وارو آهي.پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته مون کي ان ڪري ڄاڻ ملندي آهي جو مان حڪومت ۾ رهي چڪو آهيان ۽ ادارن ۾ ماڻهن سان لاڳاپا آهن، ماڻهو ٻڌائين ته ڇا ٿي رهيو آهي، هنن فيصلو ڪيو ته سلمان تاثر جهڙو ڪو ڪيس ٺاهيو وڃي.پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته ان کان اڳ گذريل ڇهن مهينن جا واقعا قوم آڏو رکڻ چاهيان ٿو.عمران خان چيو ته قوم فيصلو ڪيو ته 30 سالن کان ملڪ کي لٽيندڙن جو ساٿ نه ڏنو وڃي، مون کي حڪومت مان هٽائڻ کان پوءِ قوم جنهن انداز ۾ منهنجو استقبال ڪيو، مان حيران ٿي ويس.اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اهي ماڻهو سوچي رهيا هئا ته پي ٽي آءِ تباهه ٿي ويندي، 17 جولاءِ جي ضمني اليڪشن ۾ ڌانڌلي باوجود پي ٽي آءِ ڪامياب ٿي.پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته توشه خاني جو سمورو رڪارڊ موجود آهي پر مون کي نااهل ڪيو ويو، اڄ تائين هڪ ڪاغذ به ناهي ڏيکاريو ويو ته لنڊن ۾ 4 فليٽ ڪيئن خريد ڪيا؟عمران خان چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر نواز شريف جي گهر جي نوڪرن وانگر آهي، پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ ماڻهن کي بنا جواز تنگ ڪيو پيو وڃي، ايف آءِ اي ماڻهن کي تنگ ڪري رهي آهي ته جيئن اسان جا ڊونرز ڀڄي وڃن.هن چيو ته اسان عدالت ۾ ويا هئاسين، عدالت اليڪشن ڪميشن جو فيصلو 8 ڀيرا رد ڪيو، عوام کان پئسا گڏ ڪندڙ پارٽي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته سڀني کي خبر آهي ته ارشد شريف جي پويان ڪير هو، عوام بيوقوف ناهي، عوام کي خبر آهي ته ڇا ٿي رهيو آهي.عمران خان چيو ته ڪيس ٺاهي ۽ چٿرون ڪري مون کي بدنام ڪيو پيو وڃي.










