صحافي اغوا بعد آزاد، ايس ايس پي سکر واپس ڪرايو

ٺڪراٺو (حضرت گل ) پنهنجي اخبار پنو عاقل جو رپورٽر نديم بوزدار اغوا بعد آزاد ٿي ويو آهي. پراسرار نموني ڪوٽ سبزل پوليس کيس گرفتار ڪرڻ بعد واپس آڻي ايس ايس پي سکر حوالي ڪيو،جنهن بيورو چيف ممتاز بخاري حوالي ڪيو. صحافي ٻڌايو ته سندس آفيس تي حملو ڪري اهلڪار ڪوٽ سبزل کڻي ويا. جتي هڪ اهلڪار کيس چيو ته ايس ايس پي عرفان سمون سان صحيه هلندو ڪر. هوڏانهن ايس ايس پي سکر عرفان سمون جو چوڻ آهي ته ڪوٽ سبزل پوليس ٿاڻي تي ملزم نديم بوزدار تي ڪيس داخل آهي پر غلط گهمي سبب نالي جي ڀل سبب هن کي گرفتار ڪيو ويو، مون پنجاب پوليس سان ڳالهائي کيس آزاد ڪرايو آهي. ياد رهي ته جمع ۽ ڇنڇر جي وچ واري رات دير سان اڇي رنگ جي ڪار ۾ سوار صحافي نديم بوزدار کي اغوا ڪري ويا هئا. علائقي واسين ۽ وارثن موجب هٿياربند نديم کي آفيس مان ڀڃ ڊاهه ڪرڻ بعد اغوا ڪري ويا ، واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو،.جڏهن ته رات کان پوليس طرفان صحافي جي آزادي لاءِ  ڪوششون ورتيون پيون وڃن پر هن وقت تائين نديم بوزدار جو پتو نه پئجي سگهيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو