لاهور(ويب ڊيسڪ)صحافي ۽ اينڪر پرسن عمران رياض کي ايف آءِ اي جي سائبر ڪرائيم ونگ گرفتار ڪري ورتو آهي. سندس وڪيل ميان علي اشفاق ميڊيا کي ٻڌايو ته لاهور هوائي اڏي تان کيس گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ ايف آءِ اي وارا ڪيس جو تفصيل نٿا ٻڌائين. هن چيو ته اسين گرفتاري کي چيلنج ڪرڻ لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل ڪري رهيا آهيون. عمران رياض پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جي کلي عام حمايت ڪندو آهي، فوج تي تنقيد ڪندو آهي. کيس گذريل سال جولاءِ ۾ بغاوت جي الزامن ۾ مختلف ڪيس داخل ڪيا ويا هئا ۽ گرفتار به ڪيو ويو هو پر لاهور هاءِ ڪورٽ کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. عمران خان ۽ اسد عمر ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيانن ۾ سندس گرفتاري جي مذمت ڪئي آهي.










