لوڌران (ويب ڊيسڪ) لوڌران سيشن ڪورٽ، صحافي ظفر جوئيا قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي، 3 جوابدارن کي عمر قيد ۽ 2.2 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي.عدالت ڪيس ۾ شامل 15 وڌيڪ جوابدارن کي 3 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آهي.پراسيڪيوشن موجب، مقتول ظفر جوئيا ۽ جوابدارن جي وچ ۾ زمين جو تڪرار هو.جوابدارن 20 جون 2024 تي ڌنوٽ علائقي ۾ فائرنگ ڪري ظفر جوئيا کي قتل ڪيو.عدالت ثبوت مڪمل ڪرڻ کان پوءِ فيصلو ٻڌائيندي جوابدارن کي سزا ٻڌائي.










