نواب شاھ (ن س)ايم ايس پاران ڪوريج ڪندڙ ڪيمرا مين سان بدميزي ڪندي کيس يرغمال بنائي ڇڏيو. اطلاع تي سينئر صحافي اسپتال پهچي ويا. ايم ايس ميٽنگ ۾ مصروفيت جو بهانو بڻائي گم ٿي ويو. جنهن بعد ڊپٽي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ ڊاڪٽر شميم حيدر معاملي کي حل لاءِ ٽراما سينٽر پهتو. جنھن سينئر صحافين اي ڪي ڏاھري ، وقار آرائين ۽ غلام نبي شاھ سان ڳالھيون ڪيون ۽ اي ايم ايس ڊاڪٽر حنيف ڀنگوار کي ذميوار ٺھرائيندي صحافين کان معذرت ۽ معافي گھري ۽ آئنده لاءِ اھڙي صورتحال پيدا نه ٿيڻ جي خاطري ڪرائي جنھن تي صحافين پاران سنڌ جي روايت کي برقرار رکندي کيس معاف ڪري ڇڏيو .










