صحافي زوهيب زرداري جو بااثر جي زيادتين خلاف احتجاج

صحافي زوهيب زرداري جو بااثر جي زيادتين خلاف احتجاج

نوابشاهه (ويب ڊيسڪ)نامور نوجوان صحافي ۽ اينڪر پرسن زوھيب حسين زرداري پنھنجي ڀاءُ جاويد حسين زرداري سان گڏجي بوچيري جي بااثر ۽ وڏيري پ پ پ اڳواڻ بچل زرداري ۽ بالو جا قبا ٿاڻي جي ايس ايڇ او محرم خاصخيلي ۽ ميڊيڪل ان فٽ دليپ ڪمار جي غير قانوني قدمن ۽ ظلمن خلاف نواب شاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته وڏيرو بچل زرداري اسان شريف ماڻھن جو ذاتي دشمن بڻجي ويو آهي ۽ علائقي جي منشيات فروشن ۽ ڏوھارين جي سرپرستي ڪندي اسان خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ ۽ اسان جي قتل ڪرائڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آھي، ھن چيو ته 29 جون جي ڏينهن منھنجو پورھيت ڀاءُ لقمان حيدر زرداري بوڇيري شھر ۾ پنھنجي حجامڪي دوڪان تي پورھيت ڪري رھيو ھو ته وڏيري بچل زرداري جي بڇ تي سندس ھارين بخت زرداري، محرم ۽ مشاھد زرداري ھٿيارن جي زور تي دوڪان تي چڙھائي ڪري منھنجي ڀاءُ لقمان کي زبردستي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ منھنجي ڀاءُ ڪي وحشياڻو تشدد ڪرڻ بعد ڀرپاسي جا ماڻھو گڏ ٿيڻ بعد ھٿياربند سرعام فائرنگ ڪندي فرار ٿي ويا، ھن چيو ته جڏهن اھڙي ظلم خلاف مون بالو قبا ٿاڻي جي ايس ايڇ او ۽ پاڻ کي حر مجاھد قرار ڏيندڙ محرم خاصخيلي کي جوابدارن خلاف ايف آئي آر داخل ڪرڻ ۽ کين گرفتار ڪرڻ لاءِ چيو ته ايس ايڇ او وڏيرو بچل زرداري جي ڪمداري ڪندي ڪوبه قدم نه کنيو، ھن چيو ته ساڳي رات دير سان وڏيري بچل زرداري جي ڀاءُ محراب زرداري ۽ سندن ھارين علي محمد زرداري ۽ ڄام زرداري وچ ۾ ڪنھن مامري تان جھيڙو ٿي پيو نتيجي ۾ ٻنھي ڌرين جا مرد ۽ عورتون زخمي ٿي پيا وڏيري بچل زرداري ان جھيڙي کي جواز ڄاڻائي پنھنجي ھارين ۽ پوليس سان ڳٺ جوڙ ڪري ان جھيڙي جو ذميوار اسان کي قرار ڏيندي مون سميت اسان ستن ڀائرن انور، جبار، روشن، لقمان جاويد ۽ وسيم خلاف ٻه ڌار ڌار ايف آئي آر داخل ڪرايون ۽ ساڳي پوليس جيڪا منھنجي قانوني مدد ڪرڻ لاءِ تيار نه ھئي ايس ايچ او محرم خاصخيلي ۽ دليپ اوڏ سڄي ضلعي جا پوليس اٽالا ساڻ ڪري اسان جي گھر تي چڙھائي ڪئي ۽ اسان پنھنجي جان بچائي سنڌ ھائي ڪورٽ مان ضمانت ڪرائي، زوھيب زرداري چيو ته ان مامري کانپوءِ اسان جي برادري ۽ علائقي جي معززين وچ پئجي اسان جي فيصلي ڪرائڻ لاءِ زور ڀريو جنھن تي اسان فيصلي لاءِ راضي ٿياسين پر وڏيرو بچل زرداري ڪنھن قسم جي ڳالھين ۽ فيصلي لاءِ انڪري راضي نه ٿيو ڇاڪاڻ ته ھو ھر مامري ۾ ڪٽل ۽ ڏوھاري آھي ايتري حد تائين علائقي جون عورتون ۽ نياڻيون قرآن پاڪ کڻي وٽس فيصلي لاءِ ويون پر ان نياڻين ۽ قرآن کي ڪنھن به قسم جو مان نه ڏنو، زوھيب زرداري چيو ته وڏيرو بچل زرداري صرف انڪري ذاتي دشمني تي لھي آيو آھي جو تازين ٿيل بلدياتي چونڊون ۾ بوچيري ٽائون ڪميٽي جي وارڊ نمبر 2 مان منھنجي ڀاءُ روشن علي زرداري آزاد اميدوار جي حيثيت سان ڪائونسلر لاءِ بيٺو جڏهن ته بچل زرداري وارڊ نمبر 4 پ پ پ جي مخالفت ۾ پنھنجو آزاد اميدوار نظر محمد زرداري بيھاريو جنھن تان پ پ پ جي مقامي قيادت مونسان رابطو ڪري وارڊ نمبر 4 ۾ بيٺل جي ڊي اي اميدوار فيض محمد زرداري کي پ پ پ اميدوار اياز زرداري جي حق دستبردار ٿيڻ لاءِ چيو ۽ ذاتي ڪوششون وٺي فيض محمد زرداري کي ھٿ کڻايو ۽ اليڪشن واري ڏينهن بچل زرداري سندس پٽن ۽ ڀائٽين کي ساڻ ڪري وارڊ نمبر 4 جي پولنگ اسٽيشن تي ھٿيارن سان حملو ڪيو لٺيون لڳڻ سبب ٻنھي ڌرين جا ماڻھو زخمي ٿيا جنھن جي رڪارڊنگ موجود آهي، زوھيب زرداري پ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري، فريال ٽالپر، بلاول ڀٽو زرداري کان مطالبو ڪيو کيس ۽ سندس ڀائرن کي قتل ڪرڻ جون سازشون ڪندڙ وڏيري بچل زرداري سندس ڪمداري ڪندڙ ايس ايڇ او محرم خاصخيلي ۽ وڏي منشي دليپ اوڏ خلاف اڻ ڌري جاچ ڪرائي وڃي ۽ سنڌ ھائي ڪورٽ انھي مامري جي جي آئي تي جوڙي اسان کي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪري، جيڪڏهن مونکي يا منھنجي ڪنھن به گھر ڀاتي کي ڪوبه جاني مالي نقصان پھتو ته ان جو ذميوار وڏيرو بچل زرداري ۽ مذڪورہ جوابدار ھوندا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو