دوداپور(اختيارمندراڻي) محمد پور ٿاڻي جي حد ڳوٺ بشام خان ڪٽوهر ۾ نامعلوم هٿياربندن سينئر صحافي غوث بخش ڪٽوهر جي گهر تي انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري ڏنو رابطو ڪرڻ تي غوث بخش ڪٽوهر ٻڌايو ته منهجي ڪنهن سان به دشمي ناهي مان ورڪنگ جرنلسٽ آهيان نه ڪنهن سياسي ۽ مذهبي تنظيم سان واسطو آهي هڪ سازش تحت حملو ڪيو ويو اهڙن بزدلاڻن حملن سان خوفزده ناهيون سماجي مسئلن ۽ ڪرپٽ مافيا خلاف جنگ جاري رهندي. هن ايس ايس پي جيڪب آباد بشير احمد بروهي کان مطالبو ڪيو ته حملو ڪندڙن جوابدار کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي.










