صحافي اسلام آباد ۾ غير محفوظ، اعزاز۽ چيمه کان ڦر

صحافي اسلام آباد ۾ غير محفوظ، اعزاز۽ چيمه کان ڦر

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سينيئر صحافين اعزاز سيد ۽ عمر چيما کي بندوق جي زور تي ڦر ڪيو ويو.تفصيل موجب سينيئر صحافي عبدالله چيما ٽوئيٽر تي پيغام جاري ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان جي مشهور صحافين عمر چيما ۽ اعزاز سيد کي پارليامينٽ هائوس ويجهو بندوق جي زور تي ڦر ڪيو ويو آهي، سندن موبائل فون جا پاسپورٽ به کڻي ويا آهن، گهرو وزير راڻا ثناءُ الله کي ان معاملي جو جلد کان جلد نوٽيس وٺڻ گهرجي. ياد رهي ته ٻئي صحافي يوٽيوب تي ٽاڪ شاڪ جي نالي سان هڪ ڪامياب ويلاگ چينل هلائي رهيا آهن جنهن ۾ هو موجوده سياسي صورتحال بابت ڪيترائي اهم انڪشاف ۽ دعويٰ ڪندا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو