صحافين جي تحفظ بابت درخواست تي قانون وارو سيڪريٽري طلب

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اليڪٽرانڪ ميڊيا جي صحافين لاءِ قانون سازي بابت درخواست تي ٻڌڻي دوران عدالت لاڳاپيل سيڪريٽريز کي طلب ڪري ورتو آهي،اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت قانون واري سيڪريٽري ۽ سڌ سماءَ واري سيڪريٽري کي 6 فيبروري تي طلب ڪري ورتو،اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته معذرت سان مونکي نيوز پيپر وارو قانون سمجهه ۾ ناهي آيو ته اهو آخر آهي ڇا؟ چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته مسئلو نيت جو آهي، ڪنهن کي هن ڪم لاءِ رٽ پٽيشن ۾ اچڻ جي ضرورت نه هجڻ گهرجي سينيئر صحافي حامد مير عدالت کي ٻڌايو ته آئون اليڪٽرانڪ ميڊيا جي لاءِ قانون سازي جي حق ۾ آهيان، جنهن تي جسٽس عمر فاروق ريمارڪس ڏنا ته صحافين کي پگهارن جي ادائيگي ۾ دير وارو به ايشو آهي؟ صحافي حامد مير چيو ته اڪثر صحافين وٽ ته لکت طور ملازمت جو ڪو ثبوت ئي ناهي، پيمرا کي قانون ۾ اختيار ڏنو ويو آهي ته اها صحافين جي حقن جو تحفظ ڪري عدالت قانون واري سيڪريٽري ۽ سڌ سماءَ واري سيڪريٽري کي 6 فيبروري تي طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي

پهنجو تبصرو موڪليو