صوڀوديرو(مظهر نعمت علي مڱڻيجو )سڳيون پريس ڪلب جي صحافين تي تشدد ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڏهين ڏينهن به صحافي اتحاد خيرپور جي سڏ تي احتجاج جاري صحافين مٿان ڪوريج دوران ڪيل تشدد ۽ ڪيمرائون، لوگا، موبائيل فونون ڦر ڪندڙ جوابدار قانون جي گرفت ۾ نه اچي سگهيا صحافين جو اڄ ڏينهن به جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرا جاري ان سلسلي ۾ صحافين ميان اسدالله چنا، زوار امير علي لڪ، مقصود احمد چنا گلاب علي سيال، تسليم ڪوري، فدا عباسي، اختيار علي چنا، لالا اشفاق احمد ڀاڳت، الفت علي ڀاڳت، عرفان علي چنا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ياد رهي ته گمبٽ جي سينيئر صحافي حاڪم ڀٽي تي گمبٽ ٿاڻي تي هڪ مهيني اندر ٻيو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جيڪو پڻ افسوس جوڳو عمل آهي.










