صحافت جو عالمي ڏينهن، پاڪستان 6 پوائنٽ جي ابتري جو شڪار

صحافت جو عالمي ڏينهن، پاڪستان 6 پوائنٽ جي ابتري جو شڪار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان ورلڊ پريس فريڊم انڊيڪس ۾ هيٺ لهي ويو آهي.بين الاقوامي صحافتي تنظيم رپورٽرز ود آئوٽ بارڊرز 180 ملڪن ۾ پريس جي آزادي جي صورتحال تي هڪ نئين رپورٽ جاري ڪئي آهي. پاڪستان ورلڊ پريس فريڊم انڊيڪس ۾ 152 کان 158 تي پهچي ويو آهي ۽ رپورٽ ۾ پريس جي آزادي تي پابندين کي گهٽتائي جو مکيه سبب قرار ڏنو ويو آهي. رپورٽ ۾ دنيا ۾ پريس جي آزادي کي درپيش خطرن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ميڊيا تي وڌندڙ معاشي دٻاءُ کي هڪ خطرناڪ مسئلو قرار ڏنو ويو آهي.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪا سميت لڳ ڀڳ ٽئين ملڪن ۾ معاشي مشڪلاتن جي ڪري نيوز ايجنسيون بند ٿي رهيون آهن، ۽ آمرانه حڪومتون ميڊيا کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ معاشي دٻاءُ استعمال ڪري رهيون آهن.انڊيڪس ۾ هندستان ۾ ميڊيا جي ملڪيت جي ڪجهه سياسي اشرافيا جي هٿن ۾ مرڪوز ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي.رپورٽ ۾ فلسطين جي صورتحال کي تباهي واري قرار ڏنو ويو آهي ۽ چيو ويو آهي ته اسرائيلي فوج تقريبن 200 صحافين کي شهيد ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو