اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ بجلي جي اگهن ۾ وڌيڪ واڌ جو امڪان پيدا ٿي ويو آهي، سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي (سي پي پي اي) بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ 2 رپيا 52 پئسا واڌ لاءِ نيپرا ۾ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي.سي پي پي اي جي درخواست منظور ٿيڻ جي صورت ۾ ملڪ جي بجلي صارفين تي مجموعي طور 29 ارب 50 ڪروڙ رپين جو اضافي بار پئجي سگهي ٿو.نيپرا طرفان ٽن هفتن اڳ ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ تحت بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ 52 پئسا واڌ ڪئي وئي هئي، جنهن سان صارفين تي لڳ ڀڳ 12 ارب 67 ڪروڙ رپين جو اضافي بار پيو هو، جڏهن ته آگسٽ ۾ پڻ سڄي ملڪ لاءِ بجلي 75 پئسا في يونٽ مهانگي ڪئي وئي هئي.سي پي پي اي پاران نيپرا ۾ جمع ڪرايل درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جولاءِ دوران پاڻي مان 39.81 سيڪڙو، درآمدي ڪوئلي مان 14.34 سيڪڙو، مقامي ڪوئلي مان 10.91 سيڪڙو ۽ درآمدي گئس مان 10.78 سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي وئي.درخواست موجب آگسٽ دوران ڊسڪوز کي 14 ارب 46 ڪروڙ 40 لک يونٽ بجلي فراهم ڪئي وئي، جڏهن ته فراهم ڪيل بجلي جي في يونٽ لاڳت 8 رپيا 82 پئسا رهي.نيپرا درخواست تي ٻڌڻي دوران بجلي جي پيداوار جي لاڳت، فراهمي ۽ ٻين لاڳاپيل انگن اکرن جو جائزو وٺندو. نيپرا طرفان سي پي پي اي جي درخواست منظور ٿيڻ کانپوءِ اضافي رقم بجلي صارفين کان وصول ڪئي ويندي.درخواست جي منظوري جي صورت ۾ ملڪ جي بجلي صارفين تي مجموعي طور 29 ارب 50 ڪروڙ رپين جو اضافي مالي بار منتقل ٿيڻ جو امڪان آهي.










