ش ليگ ۽ ن ليگ جي صورتحال 100 پادر کائڻ جهڙي آهي:فياض

ش ليگ ۽ ن ليگ جي صورتحال 100 پادر کائڻ جهڙي آهي:فياض

اسلام آباد(بيورو)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فياض الحسن چوهاڻ جو چوڻ آهي ته بيگم صفدر اعواڻ جي آپگهاتي برگيڊ ڪارروائي ۾ اچي وئي آهي.هڪ بيان ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جو چوڻ هو ته سوشل ميڊيا ۽ پريس ڪانفرنسن ذريعي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، طلال چوڌري جهڙو بدنام اداڪار ججن خلاف ڳالهائڻ تي هلي پيو.هن چيو ته ن ليگ ۽ ن ليگ جي موجوده صورتحال 100 پياز ۽ 100 چتر کائڻ جهڙي آهي. فياض چوهاڻ وڌيڪ چيو ته هاڻي ن ليگ به فوري چونڊن جو مطالبو ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون آهن، جڏهن ته ٻئي طرف بيگم صفدر اعواڻ جي گالم گلوچ برگيڊ به ايڪشن ۾ اچي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو