شھر جي روڊن تي ٻيھر پاڻي جمع،انتظاميه غائب،بيماريون پکڙڻ جو خدشو

شھر جي روڊن تي ٻيھر پاڻي جمع،انتظاميه غائب،بيماريون پکڙڻ جو خدشو

بدين(ن سنڌيار)اربع ڏينهن صبح سوير بدين ۾ چوماسي تيز برسات وسندي رهي جنهن سبب شھر جي روڊن تي ٻيھر پاڻي جمع ٿي ويو ٻئي طرف شھر جي غريب آباد واري علائقي وارڊ نمبر جي مختلف پاڙن ۾ پنجن ڏينهن کان بيٺل برساتي پاڻي جي نيڪالي نه ٿيڻ خلاف علاقي جي ماڻهن جي ڊي اي جي اميدوار رفيق ڀٽي جي اڳواڻي ۾ قاضيا واھ پل تي ٽائر ساڙي احتجاج ڪيو ۽ ڌرڻو ھنيو جنهن سبب شاهه لطيف روڊ قائد اعظم روڊ ڪڍڻ روڊ نندو روڊ بند ٿي ويا چار ڪلاڪن کانپوء سي ايم او ميونسپل جي پاڻي نيڪال لاء مشين لڳائڻ جي يقين ڏيارڻ تي ڌرڻو ختم ڪيو ويو وارڊ نمبر اٺ جي جيلاني پاڙي ۾ ٽي کان چار فٽ بيٺل پاڻي ۾ 100 کان وڌيڪ گھر پاڻي جي گھيري ۾ آهن جنهن پاڻي جي ڇوڙسيراڻي روڊ واري سرڪاري نالي تي ٻن بااثر ماڻهن قبضو ڪري دوڪان تعمير ڪرائي چڏيا آهن جنهن ڪري نه صرف وارڊ نمبر اٺ جو بلڪ شھر جي اڌ کان وڌيڪ ٻڏل آبادين جو پاڻي جي نيڪالي ۾ رڪاوٽ بڻيل آهي ان سلسلي ۾ بدين جي ايم پي اي تاج محمد ملاح سان صحافين طرفان سوال تي ھن چيو ته نالي تي اڏيل دڪان کي ڊھرائڻ اسان ڪلٽيويٽر مشين گھرائي آھي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو