بدين(ن سنڌيار) شھرين جي احتجاجن رنگ لاتو، بااثر ڌرين پاران لٽايل ڪڍڻ لنڪ ڊرين جي کوٽائي شروع، تفصی موجب ٽائون ڪميٽي ڪڍڻ ۾ برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ 1970 ۾ نڪتل ڪڍڻ لنڪ ڊرين تي بااثر قبضو ڪري لٽائي ڇڏي هئي جنهن لاءِ ڪافي ڀيرا احتجاج ڪيا ويا پر ڪوبه کڙتيل نه نڪري سگهيو هو، جڏهن ته سم نالي تي قبضي سبب تازو برساتن ۾ شھر جي ميگھواڙ محلا، حسين شاه محلا، ملاح ملاح ،واهرا محلا ۽ جمالي محلا سميت ڪيترائي پاڙا برساتي پاڻي ۾ ٻڏي ويا ھئا جنهن لاءِ محلي واسين پاران ڪجھ ڏينھن اڳ احتجاج ڪيو ويو ۽ اڄ ايس ٽي پي ڪڍڻ پاران پڻ احتجاج جو سڏ ڏنل هو جنهن جو ايم پي اي بدين حاجي تاج محمد ملاح نوٽيس وٺندي ٽائون آفيسر ڪڍڻ نعمان ملاح کي سم نالي جي کوٽائي جون هدايتون جاري ڪيون جنهن بعد ٽائون آفيسر پنھنجي عملي کي وٺي لٽايل سم نالي جي کوٽائي شروع ڪري ڇڏي آهي. ان موقعي تي ٽائون آفيسر نعمان ملاح ڪڍڻ پريس ڪلب جي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪڊڻ شهر جي رهواسين جي خدمت ڪرڻ منهنجو فرض آهي، هن ڏکي گهڙي ۾ سڀني سان گڏ آهيون، شهر جي مسئلن جي نشاندهي ڪرڻ تي هن پريس ڪلب سٿ جا ٿورا پڻ مڃيا










