شھدادپور ۾ 15 سالا نينگر جو قتل، لاش سمس اسپتال منتقل

شھدادپور ۾ 15 سالا نينگر جو قتل، لاش سمس اسپتال منتقل

شھدادپور(ن س)شھدادپور ويجھو سرھاڙي جي وارڊ 6 ۾ 15 سالا نينگر مبينا پراسرار نموني قتل, لاش سمس اسپتال منتقل ،شھدادپو ويجھو سرھاڙي جي وارڊ 6 ۾ 15 سالا نينگر محمد آچر ولد محمد ابراھيم جو مبينا سخت تشدد بعد گھٽا ڏئي قتل ٿيل لاش ھٿ آيو آهي, نينگر جا وارث ۽ پوليس نينگر جو مڙھ پوسٽ مارٽم لاء سمس اسپتال شھدادپور پھچايو, مبينا بيدردي سان پراسرار نموني قتل ٿيل محمد آچر جي وارث سرھاڙي جي وارڊ 6 جي ڪائونسلر پالاري خان بروھي ميڊيا کي ٻڌايو ته رات پنهنجي عزيزن ۾ ڇٺي جي دعوت تي گھر ڀاتي ويل ھئا رات ٻيا سمورا ڀاتي واپس آيا پر مبينا قتل ٿيل نينگر واپس نه موٽيو, اسان کي صبح جو اطلاع مليو ته نينگر جو لاش سرھاڙي اسپتال ڀرسان فصل مان ھٿ آيو آهي جنهن جي اچي سڃاڻپ ڪري وڃو, ھن وڌيڪ چيو ته اسان جي ڪنهن سان به ڪا دشمني ناھي, جنهن به اسان سان اھو ظلم ڪيو آهي ان خلاف ڪاروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي, ٻي پاسي سرھاڙي پوليس واقعي جي رپورٽ درج ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي, آخري اطلاع تائين معاملي جا اصل ڪارڻ معلوم نه ٿي سگھيا ھئا,

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو