شگر مز هلايو، ڪمند سُڪي پيو، آبادگارن جو احتجاج

نوشھرو فيروز (ن سنڌيار)ضلعي شهيد بينظيرآباد جي چئني شگر ملن آڪٽوبر جو مهينو ختم ٿيڻ تائين چمنيون نه ٻاريون، آبادگارن جو احتجاج، ملز هلايو ڪمند سُڪي رهيو آهي، اسين ايندڙ فصل نه پوکي سگهنداسين. النور شگر ملز شاهپور جهانيان، سڪرنڊ شگر ملز قاضي احمد، ٻانڌي شگر مل ٻانڌي، حبيب شگر مل نوابشاهہ چمنيون نہ ٻاريون، انتظاميا اگهہ مقرر نہ ڪيو، نہ ئي سيزنل اسٽاف گهرايو، النور شگر ملز شاهپورجهانيان پاران ڪمند جي پيڙائي وقت سر نہ ڪرڻ تي ڪمند سڪڻ لڳو، مل نہ هلڻ سبب علائقي ۾ چيٽ جا فصل سخت متاثر ٿيڻ جو خطرو، ان سلسلي ۾ آبادگار اڳواڻن جو هنگامي اجلاس ڳوٺ حاجي سليمان ٻگهيو ۾ ٿيو، جنهن ۾ علائقي جي زميندارن ۽ هارين شرڪت ڪئي، اجلاس بعد احتجاج ڪندي اڳواڻن عبدالفتاح ٻگهيو، اقبال لغاري، وڪيل ڏاهري، غلام حيدر بڙدي، محمد يوسف آرائين، قرار ٻگهيو، مهتاب سومرو، فضل محمد ٻگهيو، ايڊووڪيٽ ڪرم الله ٻگهيو، عارب ٻگهيو، عنايت الله ٻگهيو، علي گل ماڇي، اصغر ماڇي ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو تہ النور انتظاميا گذريل سالن جي رهيل بقاياجات توڙي پريميئم ڏيڻ کان لنوائي رهي آهي، اسان جي مسلسل احتجاجن کانپوء ڪوڙا دلاسا ڏئي اسان جو احتجاج ختم ڪرائي هاڻي ڳالهين تان ڦري وئي آهي، آبادگارن چيو تہ ڪمند جي پيڙائي وقت سر شروع نہ ٿي تہ علائقي ۾ ڪڻڪ جي فصل جو شديد فقدان پيدا ٿيندو، انڪري مل انتظاميا مل هلائي ۽ پيڙائي جو عمل هفتي اندر شروع ڪري، آبادگارن ضلعي جي چئني شگر ملن جي انتظاميا کان مطالبو ڪيو آهي تہ ڪمند جو اگهہ 300 روپيا في مڻ مقرر ڪريا ڪمند جي پيڙائي جو عمل فورن شروع ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي ۔

پهنجو تبصرو موڪليو